بالشيوزم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 5:
 
==عظيم آڪٽوبر انقلاب==
25 آڪٽوبر 1917ع ۾ روس منجهه آيل بالشويڪ انقلاب (बोल्शेविक क्रांति) يا ”عظيم آڪٽوبر انقلاب“ (Bolshevik Revolution) ڪميونسٽ اڳواڻ ولادي مير لينن (1924ع - 1870ع) ۽ سندس ساٿين جي اڳواڻيءَ ۾ آيو. اِن انقلاب کي روس جي ٻين سياسي حلقن دل سان قبول نه ڪيو، جنهنڪري 1917ع کان 1922ع تائين ملڪ ۾ گهرو ويڙھ هلندي رهي. ان گھَرُو ويڙھ جو خاتمو 1922ع ۾ سوويت يونين جي وجود ۾ اچڻ سان ٿيو. پهرين عالمي جنگ دوران روس معاشي طور تي تباهه ٿي چڪو هو، جنهن ڪري فوج ۽ عوام سميت هر طبقو تڏهوڪي روسي شهنشاھ نڪولس ٻئي جي سرڪار ۽ وزير اعظم ڪيرنسڪي منجهان سخت بيزار هو. روس جي ڪميونسٽن انهيءَ گھوٽالي واري صورتحال جو فائدو وٺندي، جرمن مُفڪر ڪارل مارڪس جي ويچارن منجهان ڪڍيل سياسي نظام پُرتشدد انقلاب ذريعي پهريون ڀيرو دنيا جي هڪ علائقي اندر لاڳو ڪيو. بالشويڪ، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو اهو گروهه هو، جيڪو جمهوري تبديليءَ بدران ڏاڍ واري طريقي سان انقلاب آڻڻ جو حامي هو. انقلاب کانپوءِ ولادي مير لينن ڪميونسٽ حڪومت جو سربراهه ٿيو ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن سان تباهه حال روس دنيا جي عظيم سياسي ۽ فوجي طاقت بڻجي اُڀريو. جيئن ته لينن جو لاڳاپو به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بالشويڪ گروپ سان هو، تنهڪري آندل انقلاب مٿان به اهو نالو مشهور ٿيو.
<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Bolshevik%20Revolution.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref>