تخلص: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} '''”تخلص“''' (Pen Name) عربي جي لفظ ”خلاصه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنا آهي، مختصر يا ننڍو. ا...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 17:49, 11 نومبر 2017ع

”تخلص“ (Pen Name) عربي جي لفظ ”خلاصه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنا آهي، مختصر يا ننڍو. اصطلاحي معنا موجب، ”تخلص“ (Takhalus) شاعر جو ننڍو نالو هوندو آهي، جيڪو هو سڃاڻپ لاءِ شعر يا نظم جي آخري بند يا آخري سٽ ۾ ڪم آڻيندو آهي. مطلب ته ”تخلص“ هڪ شاعراڻو نالو آهي، جيڪو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. سنڌي اديب ۽ شاعر پنهنجي لکڻين ۾ تخلص ڪتب آڻيندا آهن. مثال طور شيخ اياز (مبارڪ علي شيخ)، استاد بخاري (احمد شاهه بخاري)، تنوير عباسي (نور نبي)، امر جليل (قاضي عبدالجليل)، تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. [1]

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد