نازيت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} '''نازيت''' يا نازي ازم (Nazism) جرمن ٻوليءَ جي اصطلاح Nationalsozialismus (قومي سماج- واد) پٺيان مشهور نظ...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 14:53, 2 نومبر 2017ع

نازيت يا نازي ازم (Nazism) جرمن ٻوليءَ جي اصطلاح Nationalsozialismus (قومي سماج- واد) پٺيان مشهور نظريي جو بُنياد 1919ع ۾ ٺاهيل ’نيشنل سوشلسٽ ورڪرز پارٽي‘ (نازي پارٽي) ۽ جڳ- مشهور آمر ’ايڊالف هٽلر‘ جي ڪٽر پسند جرمن قومپرستيءَ جي بنيادن تي قائم حڪومت جي تصورن ۽ عمل تي بيٺل آهي . هي نظريو حياتياتي بنيادن تي بيان ڪيل نسل- پرستيءَ ۽ سامي نسلن کان نفرت جي بنياد تي قائم ٿيو ۽ ان کاٻي توڙي ساڄي ڌُر جي ڪٽرپڻي کي گڏ ڪري پنهنجو نظرياتي خاڪو ڏنو. هي نظريو آريائي نسل کي دنيا جو بهترين ۽ اُتانهون نسل سمجهندي ، ان جي پوترتا ۽ عظمت ۾ دنيا جي ڀلائي سمجهندو هو ۽ يهودين کي دنيا جو بدترين انساني نسل سمجهندي کين مڪمل طور نابود ڪرڻ جي وڪالت ڪندو هو. ڇاڪاڻ جو ’نازي ازم‘ موجب دنيا ۾ جيڪا به خراپي ۽ پستي موجود آهي ، ان جو اصل سبب يهوديت آهي، جنهن پنهنجي روايتي چالاڪين سان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ دنيا جي ٻين قومن ۽ نسلن کي نهوڙي رکيو آهي . انهيءَ ڪري ’نازيت‘ يهودين سان گڏ هم جنس پرستن ، لاڏائو قبيلن، ڪاري چمڙيءَ جي ماڻهن ، ذهني ۽ جسماني طور جڏن ۽ سماج جي ٻين گهٽ ۽ پنگلن طبقن کي ناس ڪرڻ واري عمل کي ٺيڪ قرار ڏنو . هن نظريي معيشيت جا بنياد سماج- وادي ۽ پونجي- وادي سرشتن کان ڌار ۽ ساڄي ڌُر جي ڪٽرپڻي سان سلهاڙيل رکيا ۽ ان کي پنهنجي سياسي ايجنڊا جي ماتحت رکيو . خانگي ملڪيت جي حمايت ڪندي ان سرشتي سماج ۾ قابل ، باصلاحيت ۽ صحتمند ماڻهن جي مٿڀرائپ کي صحيح ۽ ’فطري‘ قرار ڏنو . انهن نظرياتي لاڙن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نازي پارٽي سندس اڳواڻ ايڊالف هٽلرجي حڪومت (1945-1933ع) تائين ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ واٽ ۾ اُٿندڙ هر مخالفت کي ڏاڍي بي رحميءَ سان چٿيو . [1]

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد