30 سيپٽمبر جو واقعو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
30 سيپٽمبر 1988ع تي [[سنڌ]] جي ٻئي وڏي شهر [[حيدرآباد]] ۾ هڪ قيامت جو منظر پيش ڪندڙ واقعو پيش آيو. جنهن ۾ اٽڪل 250 کان مٿي راهه ويندڙ بيگناهه ماڻهو ڪجهه منٽن جي اندر موت جي ور چڙهي ويا. مرڻ وارن کي خبر ئي نہ پئي تہ انهن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ملي. مرڻ وارن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف فرقن، مذهبن ۽ ٻولين سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو شامل هئا. انهي قيامت اتي بس نہ ڪئي پر ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر 1988ع تي صبح جو سوير [[ڪراچي]] ۾ ساڳئي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، انهي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو پنهنجي زندگي بيگناھ وڃائي ويٺا. ٻئي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ ناڪاري ۽ ڪارا ڏينهن آهن انهن واقعن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگي تي ڏاڍا ناڪاري اثر وڌا.
 
انهي قيامت اتي بس نہ ڪئي پر ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر 1988ع تي صبح جو سوير [[ڪراچي]] ۾ ساڳئي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، انهي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو پنهنجي زندگي بيگناھ وڃائي ويٺا. ٻئي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ ناڪاري ۽ ڪارا ڏينهن آهن انهن واقعن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگي تي ڏاڍا ناڪاري اثر وڌا.
 
ان وقت سنڌ ۾ هڪ قوت '''سنڌ قومي اتحاد''' (Sindh Qaomi Itihaad) جي نالي سان اڀري رهي هئي، 20 مئي 1988ع تي سنڌ قومي اتحاد جو [[جي ايم سيد]] جي اڳواڻي ۾ بنياد رکيو ويو ۽ عبدالحميد جتوئي کي ان جو صدر مقرر ٿيو. سنڌ قومي اتحاد ۾ نہ رڳو قومپرست ڌريون شامل هيون، پر ان وقت سنڌ جون هڙئي مُکيہ سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ هر زبان ۽ نسل جا سنڌ دوست ماڻهون پڻ شامل هئا. سنڌ قومي اتحاد جي ٺھڻ کان پوء حيدرآباد ۾ ڪجھ واقعا ڏاڍي تيزي سان ٿيا. [[سنڌي]] شاگردن جو هڪ جلوس قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي ڄامشورو کان حيدرآباد آيو ۽ نعرا هڻندو اولڊ ڪئمپس ڏانهن وڃي رهيو هو جو اوچتو اسٽيشن روڊ تي '''حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن''' جي آفيس مان بسن تي فائرنگ ڪئي وئي. ان وقت حيدرآباد جو ميئر ايم ڪيو ايم سان لاڳاپو رکندڙ افتاب احمد شيخ هو. انهي واقعي جي ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ اڃان ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڪجھ سياسي ۽ سماجي ڌرين جي وچ ۾ پوڻ تي سنڌ قومي اتحاد ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڳالهيون ٿيون، اهي ڳالهيون لطيف آباد ۾ سينيٽر اعجاز جتوئي جي بنگلي تي ٿيون. سنڌ قومي اتحاد جي طرفان عبدالحميد جتوئي اعجاز جتوئي، شاھ محمد شاھ، عبدالواحد آريسر، عرفان مهدي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا سنڌ قومي اتحاد طرفان هيٺيون ڳالهيون رکيون ويون.