سنڌي سڀيتا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 8:
تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. [[ڀارت]] ۾ هيءَ پهريون پرڳڻو هو، جنهن تي اٺين عيسوي صديءَ ۾ بن قاسم جي سرواڻيءَ ۾ عربن ڪاهه ڪئي. هُنن ۷۱۲ع ۾ آخري هندو <font color="#00E000">'''مهاراجا ڏاهرسين'''</font> کي جيتي، سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو. اِن ڪري گهڻا مسلم مؤرخ سنڌ کي '''”باب السلام“ (اسلام جو دروازو)''' ڪري سڏيندا آهن. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان هتان جي مڪاني رهاڪن تي گهڻو اثر ٿيو. اُهي گهڻو ڪري ويدن واري آڳاٽي عقيدي '''ويدڪ سناتن ڌرم''' جا مڃيندڙن هئا. گهڻا سنڌي ٻُڌ مت جا به پوئلڳ هئا. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ سان ڪِن سنڌين اِسلام مذهب اختيار ڪيو ته ڪي سنگت جي اثر هيٺ مسمان ٿيا ته ڪي ٻين ڪارڻن جي ڪري. ملڪ جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مذهب کي پکيڙڻ لاءِ ڪڏهن ڏاڍ کان به ڪم ورتو. اِن جي ڪري چڱي انگ ۾ سنڌي هندو پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي ڀر وارن هندو علائقن ۾ وڃي رهيا. ان لڏپلاڻ جا حوالا اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿا. ڪجھ هندو اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجي عقيدي تي اٽل رهيا ۽ سنڌ کان ٻاهر نه ويا. اُنهن تي غير مسلمانن هجڻ جي ڪري حاڪمن جزيو وڌو. اِن طرح سنڌ جتي اٺين عيسوي صديءَ کان اڳ رڳو هندو، ٻڌڌرم، ۽ ڪجھ ٻين متن (ڌرمن) وارا رهندا هئا، اُتي ۱۹۴۷ع ۾ ورهاکي وقت هندن جو آدم ڳڻپ ۾ ڪُل انگ رڳو پنجويھ سيڪڙو کن وڃي بچيو هو.
 
سنڌ ۾ اسلام سان گڏوگڏ صوفي درويش ۽ اسماعيلي مت جا مبلغ ياتبليغييا تبليغي پير به آيا. اُهي ڪٽر مذهبي نه هئا. هنن جي ويچار کان متاثر ٿي، چڱن سنڌي هندن سندن مذهب اختيار ڪيو. اِن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو انگ اُهو آهي، جيڪي پنهنجو اصلوڪو ڌرم ڇڏي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اُنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پڻ پنهنجيون اصلوڪيون ريتيون رسمون ۽ لوڪ عقيدن کي گهڻي قدر پاڻ وٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو.
 
هتي جيڪي طبعي ۽ تاريخي حالتون ڄاڻايون ويون آهن، انهن جي ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سماج ۾ چڱين ئي خاصيتن جي ارتقا ٿي آهي، جن ۾ مکيه هن ريت آهن:
<blockquote style='border: 1px solid blue; padding: 2em;'>
<font color="#0000E0"> ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج ۾ ڪٽرپڻو گهٽ آهي، پر هاني هوريا هوريان سنڌ ۾ به ڪٽرپڻو تيزيءَ سان وڌي رهيو، نه ئي ٻين جي ڀيٽ ۾ ذات پات جو ڀيد ۽ ڇوت ڇات به سنڌ ۾ گهٽ آهي. (سڀني مذهبن کي برابريءَ سان ڏسڻ) عالمي ڀائيچارو سنڌي ماڻهوءَ جي عام وصف هئي ۽ رهي آهي. صوفي مت ۽ سنت مت جي اثر سنڌين جو نرگڻ (بي ڳڻ) نراڪار (بي شڪل) ۽ هڪ خالق ۾ گهڻو وشواس آهي. ان هوندي پڻ هو جدا جدا (فرقن) ۽ ڌرمي نظرين کي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. سنڌي هندو صوفي درويشن جي درگاهن تي وڃن ٿا ته سنڌي مسلمان نهبه هندُن جي ڪيترن ڌرمي عقيدن کي مانُ ڏين ٿا.
 
(2) ڪٽر مسلمان حاڪمن جي دؤر ۾ به گهڻا ئي هندو پنهنجي ڌرم تي اٽل رهيا. اِن مان هُنن جي جاتيءَ اندروني قوت ۽ ڌرم ۾ وشواس جي ساک ملي ٿي.