سنڌي سڀيتا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} سنڌ جي طبعي ۽ تاريخي حالتن، سنڌي ثقافت جي اڏڻ ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. جاگرافيءَ جي ل...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 6:
ڏهين عيسوي صديءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ <font color="#FFC000">'''’جهولي لال‘ يا ’اُڏيري لال‘'''</font>جي پوڄا جي ارتقا ٿي، جنهن کي پڻ سنڌي ’ورڻ ديو‘ جو اوتار ليکين ٿا. ان جي پکيڙ پوءِ اُتر ۾ [[ملتان]] تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ، '''شوراشٽر''' (گجرات) ٿي ويو.
 
تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي سنڌ تي ڌارين جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. [[ڀارت]] ۾ هيءَ پهريون پرڳڻو هو، جنهن تي اٺين عيسوي صديءَ ۾ بن قاسم جي سرواڻيءَ ۾ عربن ڪاهه ڪئي. هُنن ۷۱۲ع ۾ آخري هندو <font color="#00E000">'''مهاراجا ڏاهرسين'''</font> کي جيتي، سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو. اِن ڪري گهڻا مسلم مؤرخ سنڌ کي '''”باب السلام“ (اسلام جو دروازو)''' ڪري سڏيندا آهن. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان هتان جي مڪاني رهاڪن تي گهڻو اثر ٿيو. اُهي گهڻو ڪري ويدن واري آڳاٽي عقيدي '''ويدڪ سناتن ڌرم''' جا مڃيندڙن هئا. گهڻا سنڌي ٻُڌ مت جا به پوئلڳ هئا. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ سان ڪِن سنڌين اِسلام مذهب اختيار ڪيو ته ڪي سنگت جي اثر هيٺ مسمان ٿيا ته ڪي ٻين ڪارڻن جي ڪري. ملڪ جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مذهب کي پکيڙڻ لاءِ ڪڏهن ڏاڍ کان به ڪم ورتو. اِن جي ڪري چڱي انگ ۾ سنڌي هندو پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي ڀر وارن هندو علائقن ۾ وڃي رهيا. ايڏيان لڏپلاڻ جا حوالا اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿا. ڪجھ هندو اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجي عقيدي تي اٽل رهيا ۽ سنڌ کان ٻاهر نه ويا. اُنهن تي غير مسلمانن تيهجڻ جي ڪري حاڪمن جزيو وڌو. اِن طرح سنڌ جتي اٺين عيسوي صديءَ کان اڳ رڳو هندو، ٻڌڌرم، ۽ ڪجھ متٻين متن (ڌرمن) وارا رهندا هئا، اُتي ۱۹۴۷ع ۾ ورهاکي وقت هندن جو آدم ڳڻپ ۾ ڪُل انگ رڳو پنجويھ سيڪڙو کن وڃي بچيو هو.
 
سنڌ ۾ اسلام سان گڏوگڏ صوفي درويش ۽ اسماعيلي مت جا مبلغ ياتبليغي پير به آيا. اُهي ڪٽر مذهبي نه هئا. هنن جي ويچار کان متاثر ٿي، چڱن سنڌي هندن سندن مذهب اختيار ڪيو. اِن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو انگ اُهو آهي، جيڪي پنهنجو اصلوڪو ڌرم ڇڏي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اُنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پڻ پنهنجيون اصلوڪيون ريتيون رسمون ۽ لوڪ عقيدن کي گهڻي قدر پاڻ وٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو.