پراڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} '''پراڪت ٻوليءَ''' جي معنa پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنa آهي ’قدرت‘...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 16:51, 11 سيپٽمبر 2017ع

پراڪت ٻوليءَ جي معنa پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنa آهي ’قدرت‘ (Nature)، ۽ ٻي معنa اٿس’اصلوڪي صورت‘, جنهن جو ضد آهي ’وڪرتي‘ معنيٰ ’بگڙيل صورت‘. پراڪرت ٻوليءَ جي پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي سنسڪرت تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنa اصلوڪي صورت يعني سنسڪرت مان پيدا ٿيل ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻمرادو سنسڪرت مان ٺهي پيئي. اها ٻولي عام طرح ڪم ايندي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ عام يا رواجي ٻولي به آهي. هر هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ پرڳڻي جي ٻولي به آهي. هن وقت سنڌ جي پراڪرت هاڻوڪي سنڌي ٻولي آهي.

پالي يا قديم پراڪرت

گوتم ٻڌ، جو عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي ٿي گذريو آهي، تنهن جي وقت ۾ سنسڪرت ٻولي اڪثر رڳو برهمڻ ڄاڻندا هئا. ٻيا ماڻهو عام طرح هڪ جھوني پراڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻ ’پالي‘ سڏجي ٿي. انهيءَ ڪارڻ جي ڪري گوتم ٻڌ پنهنجي ڌرم جو پرچار انهيءَ قديم پراڪرت ۾ ڪيو، ته سندس متا ماڻهو پوريءَ طرح سمجهن. هن حقيقت مان انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا واري اهو بلڪل پورو انومان ڪڍيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳي سنسڪرت ڦري پالي ٿي هئي، جنهنڪري گوتم ٻڌ کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ پرچار ڪرڻو پيو هو.

ڪي يوروپي عالم چون ٿا، ته ’پالي‘ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ’پرالي‘، معنا سِٽ (ڪتاب جي)، ڌرمي ليک. ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. ٻڌ ڌرم وارا چون ٿا، ته سنسڪرت ۾ ’پال‘ معنا پالڻ، تنهنڪري ’پالي‘ ٻولي معنيٰ اها ٻولي، جنهن ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي متا پاليل يا سنڀاليل آهن. هن وقت پالي ٻولي برما، سيام، ۽ سلون (لنڪا) جي ٻڌ ڌرم وارن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي آهي.

پالي ٻوليءَ جو واڌارو ٻڌ ڌرم وارن ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته گوتم ٻڌ پنهنجا پوتر چرن (پاڪ پير) اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ به گهمايا هئا، ۽ سنڌي ماڻهن به ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. هن مان ظاهر آهي، ته ان وقت سنڌ ۾ پالي ٻولي چالو هئي، جنهنڪري اسان جا ماڻهو گوتم ٻڌ جو پرچار ۽ ٻڌڌرم جا ڌرمي پستڪ سمجهي سگهيا ٿي.

گوتم ٻڌ پنهنجي وقت ۾ ٻڌ ڌرم پکيڙيو، ته مڌيه ديش وارن آرين پنهنجي برهمڻي ڌرم پکيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مثلاً، عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، اگست مني، ونڌيا جبل لتاڙي ڏکڻ هندستان ڏي ويو ۽ اتي وڃي برهمڻن جون بيٺڪون وڌائين. ائين مدراس کاتي ڏي برهمڻي ڌرم ۽ سنسڪرت جي پکيڙ ٿي، ان وقت اتر هندستان ۾ ماڻهو عام طرح پالي ٻولي ڳالهائيندا هئا، تنهنڪري ڏکڻ هندستان ڏي پالي جي به پکيڙ ٿي.

عيسوي سن کان پنج صديون کن اڳي، وجيا نالي هڪ راجڪمار، ڪيترن ماڻهن سان ’لاٽ‘*مان لڏي سريلنڪا (سلون) ڏي ويو ته ٻڌ ڌرم ۽ پالي جي پکيڙ اوڏانهن به ٿي ۽ اتي جي پالي ٻولي پوءِ ڦري سنهالي (سنگهالي) پراڪرت ٿي، جا هندستان جي پراڪرت ٻولين جي ڏورانهين سؤٽ چئبي. [1]


حوالا