بلوچستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 3:
 
==بلوچي==
بلوچستان ۾ بلوچيءَ جا ٻه لهجا آهن. جن مان هڪ اولهه وارو يا مڪراني لهجو آهي. بلوچي جو هي لهجو سڌو سنئون '''پهلوي ۽ سيٺي ٻولين''' جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان وجود ۾ آيو آهي. هن لهجي ۾ گهڻو ڪري خالص عربي اکر ڪونهن، جيڪا پهلوي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. هن لهجي ۾ '''خو''' جي جاءِ تي '''و''' ڪتب آندو ويندو آهي ۽ جن لفظن ۾ '''ح''' يا '''خ''' ايندو آهي انهن جي جاءِ تي '''ح''' کي سنهو ڪري يا آواز کي ڪيرائي پوءِ ڪڍيو ويندو آهي يا '''ح''' جي بدران ننڍي '''ه''' استعمال ڪئي ويندي آهي. مثال جي طور تي '''خواب''' کي '''واب''' ۽ خان کي '''وان''' چيو ويندو آهي.
 
بلوچيءَ جو ٻيو لهجو اوڀر وارو لهجو سڏجي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري خالص بلوچي سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به '''سنڌي'''، پنجابي ۽ پشتو جا گهڻا ئي ٻولَ شامل آهن. جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ نموني جي سختي اچي وڃي ٿي. جنهن تحت ان ۾ شروعاتي بندشي اکر '''ک، پ، ت ۽ ٽ''' هڪ خاص سختيءَ يا زورائتي نموني سان ڳالهايا ويندا آهن. هي هندستاني بندشي اکرن کان گهڻا مختلف ۽ الڳ آهن، پر پوءِ به ٻنهي ۾ گهڻو فرق به ڪونه آهي ۽ بلوچ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ويندا آهن.