تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''تاريخ''' (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعاتواقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.<ref>'''جامع سنڌي لغات''' جي ايپ</ref>
[[File:Calendar.svg|thumb]]
 
لفظ '''تاريخ''' (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.
 
تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿ. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم [[سنڌ]] جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي.
ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.
 
 
تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.
 
 
تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:
 
 
* (1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
* (2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.
 
 
اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي. <ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AA%D8%A7%D8%B1%D9%8A%D8%AE انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref> <ref>Encyclopedia Sindhiana</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:تاريخ]]
 
[[زمروcategory:تاريخ]]
[[category:تواريخ]]
[[category:سياست]]
[[category:سماج]]