امداد حسيني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ءِ هاڻ ڪراچيءَ ۾
سِٽَ 1:
سيد امداد علي شاه ولد سيد فضل محمد شاه 10 مارچ 1941 تي شهر ٽکڙ ، [[حيدرآباد، سنڌ|حيدرآباد]] ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني يا سانول اٿس. پاڻ موجودو دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ باقي سنڌ يونيورسٽي مان. امداد مسلسل لکندو پيو اچي هن سڀني جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس نظم جديد انداز ۾ آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي سٺن فنڪارن ڳايو آهي.
 
سنڌ جي صف -اول- جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي -ٽکڙ- ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه- ماهي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ءِ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوريهاڻڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامه اسدالله شاهه ”فدا“ پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، ”-امداد آهي رول-“ 1976ع ۾ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ”شهر“ (1988ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘) مارچ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”هوا جي سامهون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو ”ڪرڻي جهڙو پل“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. -ٽکڙ- پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. -ان- کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو به سندس جو ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي -اسلام- -آباد- جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو -اردو- ترجمو به سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات -اسلام- -آباد- ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم -تصنيف- سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. -اردو- اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي -اردو- نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. هن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور -بهرو- ورتو. امداد حسينيءَ ”سانول“ جي نالي سان ڪهاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام ”جهڙا گل گلاب جا“ جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ -ٽيليويزن- لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، -جن- مان ڪجهه آهن: (1) ڌرتي لال ڪنوار (2) سڄڻ سائين (3) حاضر سائين (4) جانيئڙا. 2000ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. -ان- کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجهه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع کان 2006ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي -ٽن- رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي چيف -ايڊيٽر- جون ذميواريون نڀايائين، -ان- کان پوءِ ڪجهه عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو، -امداد حسيني- سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن، -جن- ۾ ”طلوع پرائيز“، ”طالب الموليٰ اوارڊ“ ۽ ”نارائڻ شيام اوارڊ“، ”تمغه امتياز“(2003ع) ۽ ”-جوش مليح آبادي- اوارڊ“(2007ع) اهم آهن. -امداد حسيني- بنيادي طور هڪ شاعر آهي، پر -تخليق- سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ -ٻولي-، -تنقيد-، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. -امداد حسيني- سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”-انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا-“ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”-انسائيڪلوپيڊيا- شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%AF%D8%A7%D8%AF%20%D8%AD%D8%B3%D9%8A%D9%86%D9%8A</ref>