ڪٽنب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[File:Family.svg|thumb|200px]]
{{مبسس4}}
معاشري ۾ رھڻ لاءِ انسان اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگھي۔ ان لاءِ انسانن سان گڏ رھڻ جو نظام ٺاھيو ويوويو، جيڪو صدین کان رائجلاڳو آھي۔ ھن نظام تحت انسان ڪنھن معاشري ۾ رھڻ لاءِ تعلقاتلاڳاپا ٺاھيندو آھي۔ پنھنجو ھڪ الڳ گھر ٺاھيندو آھي ۽ پوءِ اُن گھر جو وڏو بڻجي، گھر جي نظام کي سٺي طریقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ھن نظام کي ڪُٽنب چيو ويندو آھي۔ ُن ۾ ڪنھن به انسان جا ويجھا ۽ خوني رشتيدار (مائٽ) شامل ٿي سگھن ٿا۔ ڪُٽنب جو سربراھ گھڻو ڪري بزرگ یا وڏي عُمر وارو شخص ھوندو آھي۔
 
اڄ کان هزارين سال اڳ ابتدائي وحشي دور ۾ انسان اڪيلو زندگي گذاريندو هو. هن کي خانداني رشتن جي ساڃاهه ڪانه هوندي هئي ۽ هو گڏيل زندگي جي لاڀ کان نا آشنا هو. پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون، سماج ترقي ڪرڻ لڳو ته هو انهيءَ سان اڪيلي سر ٽڪر کائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي اهل ٿي نه سگهيو. هو اڪيلي سر نه صرف غذا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو پر ويرين جي حملي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو ته هن اڪيلي سر جيون گهارڻ کان گروهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. گروهن ۾ رهڻ ڪري هن کي شڪار ڪرڻ، غذا حاصل ڪرڻ ۽ ويرين جي حملي کان پاڻ بچائڻ جي سهولت ملي. ان ڪري اوائلي انسان ۾ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ گڏجي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جڏهن انسان ابتدائي وحشي سماج ۾ گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو ته شروع ۾ هو خوني مائٽيءَ جي جذبي تحت گڏ ٿيو ۽ ان ئي لاڳاپي تحت ڪٽنب جو بنياد پيو.
 
خاندان، انسان جو هڪ اهڙو گروهه هوندو آهي، جنهن جا فرد هڪ ٻئي سان مائٽي تحت ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي هڪ ئي نسل يا بڻ بڻياد مان هوندا آهن. تاريخ ۾ انهن خاندانن جو بنياد قديم راڄوڻي سماج (اوائلي اشتراڪي سماج) ۾ پيو. ان سماج ۾ خاندان جا سڀئي فرد گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جي ورهاست پڻ برابري جي بنياد تي ڪندا هئا. هنن جي هر حاصلات گڏيل ملڪيت هوندي هئي. پئداواري وسيلن جي گڏيل حاصلات ۽ گڏيل استعمال هڪ وڏي خاندان جي بنياد جو ڪم ڏيندو هو. ڪٽنب نه رڳو خوني رشتن تي ٻڌل هوندو هو، پر اهو معاشي ناتن ۾ پڻ جڪڙيل هوندو هو. خاندان جي تعمير ۾ اقتصادي حالتن جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇو جو هڪ خاندان جي ماڻهن جو گڏجي رهڻ ڪو اتفاق يا حادثو نه هو ۽ نه ئي صرف رشتيداري جذبي تحت اها برادري ٺهي هئي، پر معيشت کي گڏيل نموني هلائڻ، گڏجي محنت ڪرڻ، هڪ ٻئي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل قائم رکڻ جو جذبو ان جي پٺيان ڪم ڪندڙ هو. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=491</ref> <ref> Kitaab: Qomoon aein qoumi aazaadi jee tahreek, written by: Ruk Sindhi</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
[[category:سماج]]
[[category:تاريخ]]