اڏوھي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
اُڏوهي ({{lang-en|'''White ant'''}}) ھڪ قسم جو جيت آهي، جيڪو قد بت ۾ ماڪوڙيءَ جيترو ٿئي، پر ماڪوڙيءَ کان مختلف ٿيندو آهي. اڇي ۽ ڀُوري رنگ جو هيءُ جيت زمين ۾ ٻِرُ ٺاهيندو آهي. سُڪل ڪاٺي هن جيت جو دل پسند کاڌو آهي. ان کان سواءِ ڪتابن، ڪاغذن، ڪامِن، داسن ۽ ڇيڻن وغيره کي به اڏوهي چڱيءَ طرح لڳي ٿي. اُڏوهي ٻُوٽن، پوک ۽ خاص ڪري انبن جي وڻن کي سخت نقصان پهچائيندي آهي. اُڏوهي پنهنجو گهر عجيب طريقي سان ٺاهيندي آهي. هيءُ جيت زمين ۾ ڪئين گهر ٺاهي، لکن جي تعداد ۾ ٽولين جي شڪل ۾ ڪالونيون ٺاهي رهي ٿو. اُڏوهي جيستائين ٻاهر نه ايندي، تيستائين سندس بستيءَ جي خبر نه پوندي. ڀتين ۽ ڇتين ۾ به مٽيءَ جي ناليءَ وانگر يڪو گهر ٺاهيندي آهي.
هن جيت کي پَرَ ڪو نه ٿيندا آهن. پرن وارا نر ۽ راڻيون (مادي اڏوهيون) فقط مينهن جي موسم ۾ گهرن کان ٻاهر اُڏامنديون نظر اينديون. اُڏامندي سندن پَرَ ڇڻي پوندا آهن، تنهنڪري آسانيءَ سان ٻين جيتن جو کاڄ ٿي وينديون آهن. هن جيت جو دشمن [[تتر]] (پکي) آهي، جيڪو ان کي چاهه سان کائيندو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%8F%D9%88%D9%87%D9%8A</ref>
Line 4 ⟶ 5:
هن ۾ ماکي جيان مڪمل ڪالونيون ٺاهي رهڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن جي رهائشي ڪالوني ۾ پڻ هر هڪ اُڏوهيءَ جا هڪ نظام موجب ڪم ورهايل ٿين ٿا. ائين هر هڪ اڏوهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي رهي ٿي. هنن جي ڪالونين يا ٻڌل شهرن ۾ مختلف پاڙن جو هڪ نظام ٿئي ٿو. انهن کي هلائڻ لاءِ به سندن پنهنجا اصول ٺهيل هوندا آهن. هي وڻن جي سڪل ڪاٺين وڻن جي پاڙن، ۽ جابلو علائقن ۾ پٿرن جي مٿان به مٽي جي ڍيرن جي شڪل ۾ شهر يا ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. ٿر ۾ هي گهڻو ڪري زمين جي اندر ننڍڙو سوراخ ٺاهي داخل ٿينديون آهن ۽ پوءِ اندر زمين ۾ مختلف رستن جي ذريعي پاڙا ٺاهي رهن ٿيون. اڏوهي ٻرن مان نڪري، ڪاٺين کي کائي، مٿانهين جاءِ تي پنهنجا مٽيءَ جا گهر ٺاهي ته ان کي برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ سمجيو وڃي ٿو. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=124</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
 
[[زمرو:جيتَ]]