منڇر ڍنڍ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 8:
 
== تاريخ ==
منڇر ڍنڍ ڪيتري قديم آهي ؟ ۽ ڪڏهن يا ڪهڙي دور ۾ صفحهء هستي ته نروار ٿي؟ اها ڪٿي ڪرڻ اوکو ڪم آهي. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ سنڌو[[سنڌ درياههدرياھ]] جي وهڪري سبب وجود ۾ آيل آهي. قديم زماني ۾ جڏهن سنڌو درياهه يا ان جي وڏي ڇاڙ هتان وهندي وهڪرو بدلايو ته منڇر جي وجود ڪر کنيو. قديم زماني کان اجهل ۽ اوهاڳ سنڌو درياھ سنڌ جي سموري سرزمين تي ليٽ پيٽ ڪئي آهي. هت منڇر وٽ الهندي ۽ ڏکڻ پاسي ٽاڪرو علائقو ڪر کنيو بيٺو آهي. درياهه جي تيز وهڪري کي منڇر وٽ جابلو سلسلي جي رڪاوٽ سان ويڙهادند ڪندي اوڀر طرف سيوهڻ جي علاقي ڏانهن مجبور ٿي موٽڻو يا مڙڻو پيو. وهڪري جي انهي رڪاوٽ يا موڙ جي نتيجي ۾ لٽ يا مٽي کاڄڻ ۽ کڄڻ شروع ٿي،تان جو ڊوري جي شڪل اختيار ڪري وئي. جڏهن درياهي ڇاڙ رخ مٽايو ته زمين تي وڏي پکيڙ ۾ هڪ ڊورو ظاهر ٿيو.اهو ڊوروڍورو يا ڪنب اڳتي هلي ڍنڍ سڏي وئي ۽ پوئي مٿي بيان ڪيل “من“جي لاڳاپي سان منڇر ڪوٺجڻ ۾ آئي.سنڌو درياهه يا ان جي زبري ڇاڙ ڪڏهن وهڪرو تبديل ڪيو؟ ڪڏهن کان هن وهڪري سان وهڻ شروع ڪيائين؟ انهن سوالن جا جواب منڇر جي قدامت کي واضع ڪري سگهن ٿا. هن ڏس ۾ سنڌو درياهه جي انهيءِ قديم وهڪري يا بعد ۾ وهندڙ قديم ڇاڙ جي گذر کي ذهن ۾ رکڻو پوندو. ڌسڻ ۾ اچي ٿو ته اتر پاسي سنڌو نديءِ جو ڪجهه وهڪرو [[ڪشمور]] کان هيٺان ته ڪڏهن مٿان [[ڪنڌ ڪوٽ]] ۽ [[شڪارپور]] وارو وهڪرو هو. دوشتدشت _ آب واري ڍنڍ مان سنڌوءَ نالي هڪ ننڍو وهڪرو نڪرندو هو جيڪو ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏئي، [[موهن جيجو دڙيدڙو]] کان ٿيندو وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هيء ڇاڙ يا وهڪرو ڪنڌ ڪوٽ جي ڏکڻ کان لنگهي ناري رستي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو. [[ميهڙ]] ،لاڙڪاڻي۽،[[لاڙڪاڻو]]۽ شڪارپور جو گهڻو علاقو پاڻي هيٺ اچي ويندو هو. الهندو نارو به اڀرندي ناري وانگر ڏاڍو ورن وڪڙن وارو آهي، سندس وهڪرو سنڌ درياهه يا آب سنڌ سان پور وڇوٽ ٿي وهندو اچي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.ان کان پوءِ پنهنجي اڙل شاخ وسيلي وڃي [[سيوهڻ]] هيٺان سنڌو درياهه ۾ پوندو هو. ظاهر ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو الهندي ناري وارو هو.درياهه جي رخ تبديل ٿيڻ کان پوءِ به وڏي ڇاڙ جي صورت ۾ پوئين زماني ۾ به ساڳي وهڪري سان وهندي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. منڇر وٽ وڪڙ سبب اهو وهڪرو سيوهڻ کان ڏکڻ ۾ لال باغ کان ڀڳو ٽوڙو جبل جي وچ واري ايراضيءَ منجهان گذري لڪي ۽ آمري ڏانهن ويو ٿي. بعد ۾ سنڌ درياهه کي مٿان ڪنڌ ڪوٽ واري پاسي ڪا رڪاوٽ آئي يا اڀرندي پاسي درياهه کي لاهندي ملي ته هن قديم وهڪري ۾ ڦير آيو ۽ پوئين زماني ۾ اهو محض ڇاڙ جي صورت ۾ الهندي ناري واري وهڪري سان وهندو رهيو. عربن جي چڙهائي وقت عرب سپهه سالار جو لشڪر سيوستان (سيوهڻ) جي آس پاس ڪنڀ نهر جي ڪناري سيسم جي قلعي وٽ پهتو هو. اها ڪنڀ نهر ساڳي منڇر ۾ پوندڙ ڇاڙ ئي آهي .ڪنڀ غالبن ساڳي منڇر ڍنڍ آهي جا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ يقيني تور موجود هوندي. “ چچ نامي“ ۾ ڍنڍ لاءِ لفظ “دنده“ ڪم آيل آهي، جنهن جي ڊاڪٽر نبي بخش بلاچ تصحيح ۽ تحقيق يا تصديق پڻ ڪئي آهي. مطلب ته [[ڪاڇو]] جي لٽاشي ميدان جيان منڇر ڍنڍ سنڌ درياھ جي وهڪري ياان جي وڏي ڇاڙ جي وهڪري جي نتيجي ۾ صفحه هستيءَ تي نروار ٿي.
 
== پکيڙ ==