منڇر ڍنڍ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 3:
 
== نالي جو پسمنظر==
منڇر ڍنڍ جي نالي جو اچار يا تهجي درست ٿيڻ گھرجي. عام مروج اچار ۾ “ڇ“ تي پيش ڏنو وڃي ٿو جيڪو درست نظر نه ٿو اچي. منڇر جي اچار ۾“ڇ“ تي زبر اچڻ سان اچار اصل ۽ درست ٿيندو. ڇاڪاڻ ته “ڇ“ تي پيش اچڻ سان لفظ جي معنى ڳاڙهو سينکيو يا زهر نڪري ٿي. ساڳي اچار سان مختلف معنائون به ٿينديون آهن پر منڇر لفظ سان اهو قاعدو لاڳو نه ٿو ٿئي. انڪري منڇر جو اصل ۽ درست اچار مروج ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گھرجي. منڇر جي درست اچار جي نسبت سان سوال پيدا ٿين ٿا ته منڇر تي اهو نالو ڪيئن، ڪڏهن يا ڪهڙي پسمنظر ۾ پيو؟ منڇر ٻن لفظن جو مرڪب آهي “من“ ۽ ڇر،“من“ جي معنى “دل“ واري (Hearty) ۽ خوبصورت آهي ۽ ڇر جي معنى پاڻي جي وڏي پکيڙ . منڇر لفظ جي ٻي ترڪيبي معنى ٻڌائي وئي آهي ته منڇر “مينهن“ ۽ “ڇر“ جو مرڪب آهي، سو ممڪن آهي ته اهو لفظ مينهن+ڇر هجي جنهن جو مطلب آهي مينهن جي پاڻي جي پکيڙ. مٿي بيان ڪيل قياسي معنائون مفهوم جي حوالي سان منڇر لفظ سان ٺهڪين.ٿيون پر انهن معنائن يا ترڪيبي مفهومن تي بحث جي توڙ ڪري نه ٿي سگھجي. مٿي بيان ڪيل لفظ“من“ جي لغوي معنى ڏانهن ڌيان ڌرڻ ضروري آهي جيڪو منڇر لفظ جي ترڪيب يا بناوت ۾ شامل آهي.. پرمانند ميوارا جي سنڌي انگريزي لغت ۾“من“ لفظ ٽن معنائن سان ڏنل آهي، “من“معنى شال!(Would that)، “من“ معنى کير ولوڙڻ واري چاڏئ کي ايندڙ ڪاٺ جو ڍڪ (چپو) (a wooden cover over a churning pot fix in the churn staff) ۽ “من“ معنى سوچ، ذهن،لاڙو(thoughts, the mind, inclination). جامع سنڌي لغات جلد پنجين موجب “من“ معنى کير ولوڙڻ واري ماٽي جو ڪاٺ جو ٽنگ سان گول ڍڪ “من“معنى شال، هوندو ۽“من“معنى دل،جيءُ ،قلب،چيتو، لاڙو وغيره .
بنيادي طور “من“ لفظ جي لغوي معنى ذهن، دماغ، چتِ لاڙو وغيره آهي. من لفظ دل لاءِ مروج ٿي ويل آهي. دل ۽ من ٻنهي جو احساساتي تعلق آهي. انهيءِ ڪري جڏهن “دل“لفظ“ من“ لاءِ ڪم ايندو ته ان وقت اُن جو مطلب ذهن يا دماغ هوندو آهي. جيئن قوم لفظ قبيلي لاءِ به ڪم ايندو آهي. جڏهن قوم قبيلي لاءِ ڪم ايندو تڏهن. ان جي معنى قبيلو هوندي آهي. حالانڪ قوم ۽قبيلو يا دل ۽ من الڳ الڳ معنى ۽ مفهوم وارا لفظ آهن. سنڌي ۾ هڪ محاورو “دل من هڻڻ“ يعني ڪنهن نتيجي يا فيصلي تي پهچڻ کان اڳ گھرائي سان سوچڻ يا ٻڏتر منجھان گذرڻ آهي.انهي اصلاح ۾موجود دل ۽ من ٻه الڳ الڳ مفهوم وارن لفظن طور آيل آهن. بهر حال هتي “من“ لفظ جي معنى جي نسبت سان سوچڻو آهي ته منڇر لفظ جي ترڪيب ۾ ڪهڙو “من“
شامل آهي. لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ دل، دل واري يا سهڻو مهفهوم وارو “من“ شامل نه آهي. اهڙيون ڇَرون يا مينهن جون خوبصورت ترايون سنڌ ۾ کوڙ آهن. منڇر واري ڇر جو لاڳاپو ٻيڙي سان آهي. ساڳيءَ ريت ڪاٺ واري ڍڪ يا چپي جو تعلق ڪاٺ سان آهي. من ۽ ٻيڙيءَ جو به تعلق ڪاٺ سان آهي. انهيءِ ڏس ۾ ويچارڻ گهرجي. ڪتاب منڇر ڍنڍ (lake Manchar) ۾ منڇر جي اوائلي ٻيڙيءَ جي جيڪا تصوير ڏنل آهي، ان ٻيڙيءَ جو ڊول يا شڪل لڳ ڀڳ يا معمولي ڦير گهير سان “من“ يا ڪاٺ جي چپي جهڙي آهي انڪري پرمانند ميوا رام جي سنڌي انگريزي لغت ۾ ڏنل لفظ “من“ مروج نه آهي. ممڪن آهي ته سنڌ جي تناظر ۾ ڏسڻو آهي ، گمان غالب آهي ته لفظ منڇر جي ترڪيب ۾ ڪاٺيءَ جي ڍڪ يا چپو واري معنى وارو “من“ شامل آهي. سنڌ درياھ جي الهندي واري قديم وهڪري جي نتيجي ۾ قدرتي طور جڙي پيل ڍوري يا ڪنب واري ڇر ۾ هلندڙ ٻيڙين جو اوائلي ڊول انهي مخصوص قسم جي ڪاٺ جي ٽڪر جهڙو هو. آهستي آهستي انهيءَ ڍنڍ جي پاڻيءِ ۾ “من” جي ساخت ۽ بناوت جهڙيون ٻيڙيون ججهي انداز ۾ گڏ ٿيڻ يا گهمڻ لڳيون . مقامي ماڻهن پاڻي جي انهيءَ وڏي پکيڙ واري ڇر ۾ اهڙين ٻيڙين جي گهڻائي ۾ موجودگيءَ جي نسبت سان من واري ڇر ڪوٺڻ شروع ڪيو هجي ۽اڳتي هلي منڇر بڻجي ويو. اهو به قرين قياس آهي ته تڏهوڪي زماني ۾ اهڙي ساخت وارين ٻيڙين جو نالو به “من“رائج هجي. هونئن به ڊول، بناوت ۽ڪارج جي لحاظ سان اڄ به ٻيڙين جا جدا جدا نالا رائج آهن. مثال طور دنگي،بتيلو،هوڙو،ڊونڍو،گاليو وغيره. جڏهن ٻيڙي ٺاهڻ جي فن ترقي ڪئي ته من جي ڀيٽ ۾ بهتر ۽ مختلف ساخت واريون ٻيڙيون ٺهڻ شروع ٿيون ته “من“ قسم يا نالي واري ٻيڙي ٺاهڻ ۽هلائڻ وارو رواج ختم ٿي ويو، پر من جي نسبت سان ڍنڍ تي پيل نالو منڇر دائم ۽ قائم رهجي ويو.
 
== تاريخ ==