اتر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[عڪس:Compass_Rose_English_North.svg|left|thumb|250x250px| قطب نما (Compass) جنهن ۾ اتر جو طرف نمايان ٿيل آهي.]]
اتر اسان جي [[زمين]] تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي جيڪو ڏکڻ جي پويان آهي.نقشن ۾ هن جي جڳه مٿي جي طرف ٿيل هوندي آهي. قطب نما کي 180 ڊگري تي طئي ڪرڻ سان ڪنهن جڳه تي اتر جو تعين آساني سان ڪري سگهجي ٿو.
چئن طرفن مان هڪ طرف يا ڏسا: -اوڀر-،اوڀر، اولهه، -اتر- ۽ ڏکڻ هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن قطب نما جي سئي هميشهسدائين منهن ڪندي آهي جنهن جي ذريعي -بحري جهاز- ۽ هوائي جهاز طرفن جو اندازو ڪندا آهن -اتر- ڏانهن منهن ڪرڻ سان ساڄي هٿ تي -اوڀر- ۽ کاٻي هٿ تي اولهه جو طرف ايندو ۽ پٺئين پاسي ڏکڻ جو طرف هوندو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AA%D8%B1</ref>
 
”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”تارٿ“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=324#16342 قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي] پاران سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو ۽ سنڌسلامت</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}
 
[[category:تاريخ]]