لاهوت لامڪان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: لاهوت لا مڪان انگريزي ٻولي (Lahoot La Makan) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي خضدار جي وڍ تعلقي جي ساروڻو...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
لاهوت لا مڪان انگريزي ٻولي (Lahoot La Makan) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي خضدار جي وڍ تعلقي جي ساروڻو واري علائقي ۾ ٽاڪرُو سلسلي ۾ واقع آهي جيڪو قديم زماني کان صوفين، جوڳين، سناسين ۽ عارفن جي چله ڪشي ۽ زيارت گاھ جو مرڪز رهيو آهي.<ref>https://tribune.com.pk/story/429158/tales-from-lahoot-valley/</ref>
 
== لاهوت جبل ۽ غار ==
لاهوت هڪ آبشار نما نهايت اوچي جبل تي غار وانگر جڳهه آهي .لاهُوت قديم زماني کان صوفين، جوڳين، سنياسين ۽ بزرگن جي چله ڪشي ۽ زيارت گاهه وارو آستان رهيو آهي.لاهوت وارو ماڳ ڪراچي ۽ حب کان لاهوت ايندڙ روڊ جي اولهه ۾ بلند ٽڪريءَ تي آهي. محبت فقير جي مزار وٽ پهچڻ کان اڳ روڊ وٽ لاهوت لا مڪان جو سائين بورڊ لڳل آهي. ان جاءِ تي مسجد ۽ ننڍو هوٽل به آهي جتان اولهه طرف سفر شروع ٿئي ٿو. لاهوت واري ماڳ تي رسڻ نهايت مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي، جبل کي اُڀيون چاڙهيون آهن. ڪٿ ته لوهي ڏاڪڻون به لڳل آهن. لاهوت لا مڪان، شاھ بلاول نوراني جي مزار جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. اتان به لاهوت واري غار تي رسڻ لاءِ رستو آهي جيڪو ٽڪريون سر ڪندي لاهوت واري غار تائين اچي ٿو پر اڪثر لاهوتي روڊ وٽان نڪرندڙ رستي سان لاهوت جي غار ڏانهن پنڌ ڪن ٿا. هيءُ رستو ور وڪڙ کائيندو خطرناڪ ٽڪريون عبور ڪندو لاهوت واري غار ڏانهن وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته لوهي ڏاڪڻيون به لڳل آهن هن رستي ۾ هڪ ننڍي هوٽل به آهي جتي لاهوتي ٿَڪ ڀڃن ۽ چانهه پئن ٿا. هن ئي رستي سان هڪ دڪان به آهي جتان لاهوت جي غار جا پانڌيئڙا تبرڪ طور شيون خريد ڪن ٿا. هن رستي سان سجدي گاهه آهي. سجدي گاهه کان پوءِ لاهوت واري غار اچي ٿي. غار وٽ سوڙهي جڳهه آهي جتان غار ۾ وڃڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ لڳل آهي.لاهوت واري غار ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اتي پيل صابڻ سان هٿ منهن ڌو.ڻو پوندو آهي. <ref>http://www.hamariweb.com/articles/article.aspx?id=6724&Page=2</ref>اهو صابڻ پڻ پٿر جو آهي جيڪو صابڻ وانگر ڪم ڪري ٿو. چون ٿا ته ان صابڻ سان منهن دوئڻ سان غار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي. اتي اڄ به پاڻي ٿڻن نما جبلن مان هيٺ ڪرندو رهي ٿو. جنهن لاءِ روايت آهي ته اڳ اهو کير هو پر جڏهن ماڻهن وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو ته اهو پاڻي ٿي ويو آهي. ماڻهو عقيدت منجهان پاڻيءَ جا ڪرندڙ ڦڙا جھٽي هٿن ۽ منهن کي مکن ٿا. لاهوتي لوهي ڏاڪڻ وسيلي غار ۾ وڃن ٿا ۽ لاهوتي بڻجي وڃن ٿا. لاهوتين جي چوڻ موجب غار ۾ شينهن ۽ ڏاچي جون شڪليون نظر اچن ٿيون جن کيحضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪن ٿا. لاهوت لا مڪان ۽ سيد بلاول شاهه نوراني جي علائقي ڏانهن ٻين علائقن کان رستا نڪرن ٿا. هڪ سيوهڻ شريف کان جهانگارا باجارا اچي ٿو. جتان نئيگ شريف ۽ نغاول کان ٿيندو دريجي پهچي ٿو ۽ پوءِ لاهوت اچي ٿو. ٻيو ڪراچي ناردرن باءِ پاس کان حب کان شاهه نوراني وڃي ٿو ٽيون رستو ڪرچات کان به لاهوت لامڪان لاءِ نڪري ٿو. چوٿون رستو جوهي کان ٽنڊو رحيم خان. لوهيءَ ۽ دريجي کان ٿيندو لاهوت وڃي ٿو. لاهوت لامڪان ڀيٽڻ سعادت ۾ شمار ٿئي ٿو.<ref>http://daaira.com/travel/lahoot-lamakan-place-of-spiritual-mysteries/</ref>
 
==حوالا ==