انور پيرزادو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”-انور- پيرزادي“...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”-انور- پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، 25 -جنوري- 1945ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي،حاجي لعل بخش شيخ (جيڪو سندس نانو ھيو) المعروف ٻلھڙيجي، [[ڏوڪري تعلقو|تعلقي ڏوڪريءَ]] ۾ -جنم- ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفيڳوٺ درويشجي هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ھڪ مسجد جو پيش -امام- بڻيوھيو. -انور- پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو -پاڻي- گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي.
ننڍپڻ ۾ شيخ -اياز- جو ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو.
هن 1955ع تائين پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ اٽڪل ڇهه13 ڪلو ميٽر پنڌ يا -سائيڪل- تي وڃي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. -انور- 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهنمھين جي دڙي اسڪول، -ٽڳڙ- -باغبان- (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شيرمحمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچراستاد ٿي رهيو. -انور-، -ٽڳڙ- -باغبان- ۾ ٽيچر هجڻنوڪري دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي -اوطاق- ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’-برسات-‘ ۾ ”وڏيري جي -اوطاق- مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي.
انور 1969ع ۾ -انگريزي- ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ -پاڪستان- ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ -بغاوت- جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي -پشاور- سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. -انور- جو ڏوهه اهو هو ته هن -بنگلاديش- خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”20 صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو.
فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. -انور- لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا -بند- ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال -پاڪستان- -اخبار- ۾ سب -ايڊيٽر- مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال -پاڪستان- ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ -انگريزي- ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني -بند- ٿيڻ سبب، -ان- سال ئي ”ڊان“ -اخبار- جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. -آر-. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. -ان- کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”-جاڳو-“، ”سنڌ سجاڳ“، ”-برسات-“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.
انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي من جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، -جن- ۾ ”-تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي-“ (فيڊرل ڪاسٽرو جي تاريخي تقرير) ۽ ”شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد“ اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”متان وساريو“(2007ع)، ”سنڌ“(ڊسمبر2008) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس ڪتاب ”Sindhi Language and Literature- A brief account“ پڻ ڇپجي چڪو آهي. پاڻ 7 -جنوري- 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي آهي. -انور- پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. -ٿر- ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو -تاج- -بلوچ-، -بدر- ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهنمھينن جو دڙو ۽ -ٿر- هئا.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D9%88%D8%B1%20%D9%BE%D9%8A%D8%B1%D8%B2%D8%A7%D8%AF%D9%88</ref>