ايٽلانٽڪ سمنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو -ائٽلانٽڪ سمنڊ- آهي، جنهن کي عربي ۾ ”-بحر- اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو....
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو -'''ائٽلانٽڪ سمنڊ-''' آهي، جنهن کي عربي ۾ ”-بحر-”بحر اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو. هي پئسفڪ وڏي سمنڊ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊآهي. هن جي پکيڙ 31,830,000 ڪروڙ چورس ميل (166,240,000 چورس ڪلوميٽر) آهي. -ان- ۾ هن سان لاڳاپيل ٻين سمنڊن جي پکيڙ به شامل آهي. ڌرتيءَ جي 5/1 حصي تي اهو سمنڊ پکڙيل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سامونڊي ايراضيءَ جي لحاظ کان اٽڪل 23.9 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 8 هزار ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي ويڪر جيڪا -[[برازيل-]] ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ آهي، سا 2700 ڪلوميٽر اٿس. -اتر- ۽ ڏکڻ قطب تائين هن سمنڊ جي ڊيگھه 15 هزار ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ تي ائٽلانٽڪ نالو آفريڪا کنڊ جي اتر-اولههاتراولهه واري -ائٽلس- (Atlas) -جبل- سبب پيو. جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان لاڳاپيل -اوڀر- ۾ آهي. جڏهن ته بيفن اُپسمنڊ (Baffin Bay)، هڊسن اُپسمنڊ، سينٽ لارينس نار (Lawrence St. Gulf)، ميڪسيڪو نار ۽ ڪيربين سمنڊ اولهه ۾ اٿس. خط استوا وسيلي، هيءُ سمنڊ ٻن مکيه ڀاڱن يعني -اتر- ائٽلانٽڪ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ ورهائجي ٿو.
 
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي، پورٽيروڪو ٽرينچ (Puerto Rico Trench) وٽ آهي. جيڪا 30,249 فوٽ ٿئي ٿي. هيءُ سمنڊ -اوڀر- ۾ آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ ۽ -اتر- -آمريڪا- کنڊن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ کي دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن سمنڊ ۽ ساڻس لاڳاپيل ننڍن ننڍن سمنڊن تي دنيا جا وڏا وڏا تجارتي -بندرگاهه- موجود آهن. اهي سڀئي -بندرگاهه- هن سمنڊ وسيلي هڪٻئي سان واپاري ناتن ۾ جڪڙيل آهن. هن سمنڊ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿڌا ۽ ڪوسا وهڪرا پيدا ٿيندا رهندا آهن، -جن- جو دنيا جي اڪثر ملڪن جي آبهوا تي اثر پوندو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%BD%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%BD%DA%AA%20%D8%B3%D9%85%D9%86%DA%8A</ref>
{{حوالا}}
[[زمرو:سمنڊ]]