رزاق مهر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 3:
 
== زندگي جو احوال==
رزاق مهر 20 جون [[1954ع]] تي [[لاڙڪاڻو]] شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجهو خان مهر هو. هن ابتدائي، سيڪنڊري، هاير سينڪڊري کان بي اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. [[1973ع]] ۾ بي اي ڪيائين ۽ [[1979ع[[]] ۾ [[سنڌ يونيورسٽي]] مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اول بلڊينگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊرافٽ مين طور ڀرتي ٿيو. پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1988ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1989ع ۾ [[جوهي]] ڪالي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان 1990ع ۾ بدلي ڪري قمبر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. اتان بدلي ٿي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. رزاق مهر 1973ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1987ع ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران سندس ڪهاڻي “آڙاھ” تي ايورڊ پڻ ڏنو ويو هو. سندس لکيل ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جن وڏي مقبوليت ماڻي. رزاق اڻ ڇهيل موضوعن تي انفرديت سان لکيو. اهوئي سبب آهي جو کيس وڏي پذيرائي ملي. سندس ڪهاڻي جو پهريون ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ شايع ٿيو. سندس بهترين ادبي ڪم ۾ سندس ڊرمو “جياپو”، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “سڪون ڪٿي آهي“ ۽ “ڊهندڙ ديوار” شامل آهن.<ref>http://urdupinpoint.com/razaq-mahar/</ref>
 
== وفات==