رزاق مهر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
رزاق مهر (انگريزي) (پيدائش: 20 جون 1954ع - وفات: 15 آگسٽ 2002ع) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.
پورو نالو رزاق مھر ولد رانجهو خان مھر، ادبي نالو رزاق مھر. تاريخ پيدائش 20 جولاءِ 1954ع ڏينھن [[اڱارو]]، 18 شوال 1373 هجري، 5 ساوڻ 2011 بڪرمي تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. بي.اي ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1979ع [[سنڌ يونيورسٽي]] مان ڪئي. ملازمت جي شروعات ڊرافٽس مين جي حيثيت سان بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪئي. 1989ع ۾ ليڪچررشپ لاءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪيائين، مختلف شھرن جي ڪاليجن جھڙوڪ جوهي، قمبر ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪيائين. پھرين ڪھاڻي ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ لکيائين. سندس ڪھاڻين جا مجموعا ”سڪون ڪٿي آهي“، ”ڊهندڙ ليڪا“ 1982ع ۾ ڇپيا. رزاق مھر فقط ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ ناول نويس ئي نه هيو پر شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ هو. هن جي ڪھاڻي ”آڙاهه“ کي 1987ع ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] پاران بھترين ڪھاڻيءَ جو ايوارڊ مليو. سندس وفت 15 آگسٽ 2002ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري ٿي.
 
== زندگي جو احوال==
رزاق مهر 20 جون 1954ع تي لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجهو خان مهر هو. هن ابتدائي، سيڪنڊري، هاير سينڪڊري کان بي اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. 1973ع ۾ بي اي ڪيائين ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اول بلڊينگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊرافٽ مين طور ڀرتي ٿيو. پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1988ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1989ع ۾ جوهي ڪالي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان 1990ع ۾ بدلي ڪري قمبر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. اتان بدلي ٿي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. رزاق مهر 1973ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪهاڻي “آڙاھ” تي ايورڊ پڻ ڏنو ويو هو. سندس لکيل ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جن وڏي مقبوليت ماڻي. رزاق اڻ ڇهيل موضوعن تي انفرديت سان لکيو. اهوئي سبب آهي جو کيس وڏي پذيرائي ملي. سندس ڪهاڻي جو پهريون ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ شايو ٿيو. سندس بهترين ادبي ڪم ۾ سندس ڊرمو “جياپو”، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “سڪون ڪٿي آهي“ ۽ “ڊهندڙ ديوار” شامل آهن.
 
== وفات==
منفرد ليکڪ ۽ شاعر رزاق مهر 15 آگسٽ 2002ع ۾ دل جي دؤري سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
 
== حوالا==
{{حوالا}}