سرڪش سنڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
سرڪش سنڌي [[انگريزي]] (Sarkash Sindhi) (پيدائش: پهرين آڪٽوبر [[1940ع]] - وفات: 5 مارچ [[2012ع]]) ڳوٺ پليپوٽا تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ برک عالم عبدالله چانڊيو جي گهر ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو هو. بعد ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن [[1954ع]] کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
<ref>https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/poets-and-writers/</ref> سندس تحرير ٿيل ڪتابن ۾ ”درد دل“، ”امن آب حيات“، ”پيار ۽ آزادي“، ”سنڌو جاڳي ٿو“، ”جوڻيون جيءَ جھان جون“، ”سچ ٿا مرد چون“، ”سمنڊ ڇوليون ٽهڪ“ ”زندگيءَ جي گونج“ ۽ ٻانهن وراڪا شامل آهن. سرڪش سنڌي هڪ علمي گهر سان وابسته رهيو ۽ بنيادي طور پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو ترجمو پورو ڪيو هئائين. فارسي، عربي پڙهيل هئس. سندس ٻه ڀائر هئا. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ هئي. 1961ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو. 26 سال نوڪري پوري ڪري 1987ع ۾ لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان ايڇ.ايس.ٽي طور رٽائرمينٽ ورتائين. سندس 11 کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس شعر ۾مزاحمتي ۽ انقلابي عنصر گهڻو آهي. 5 مارچ 2012ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪينسر وِگهي وفات ڪيائين.<ref>http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book133/Book_page1.html</ref> سرڪش استحصالي قوتن خلاف ٿي بيٺو. جيئن جو سنڌ جي عاشق صادق سائين جي. ايم سيد سان سندس شناسائي ٿي ته هن وري پنهنجو پاڻ کي فنا في السنڌ ۽ فنا في السيد ڪيو.
اڏولتا، بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل وجود جهڙو سرڪش، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ”سنڌ سان وفا“ واري مقصد تي مقرر ڪيو. حسن، عشق، پريت، آزادي، امن، عالم انسانيت ۽ وطن پرستي سندس وجود جي سرشت جي هر نس نس ۾ موجود ڏسڻ ۾ اينديون رهيون. سندس آخري آرامگاه به لاڙڪاڻي ۾ آهي.