سرڪش سنڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
سرڪش سنڌي انگريزي (Sarkash Sindhi) پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ڳوٺ پليپوٽا تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ برک عالم عبدالله چانڊيو جو گهر ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو هو. بعد ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
<ref>https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/poets-and-writers/</ref> سندس تحرير ٿيل ڪتابن ۾ ”درد دل“، ”امن آب حيات“، ”پيار ۽ آزادي“، ”سنڌو ڳائيجاڳي ٿي“،ٿو“، ”جوڻيون جيءَ جھان جون“، ”سچ ٿا مرد چون“، ”سمنڊ ڇوليون ٽهڪ“ ”زندگيءَ جي گونج“ ۽ ٻانهن وراڪا شامل آهن. سرڪش سنڌي هڪ علمي گهر سان وابسته رهيو ۽ بنيادي طور پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو ترجمو پورو ڪيو هئائين. فارسي، عربي پڙهيل هئس. سندس ٻه ڀائر هئا. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ هئي. پهريان پرائمري استاد ٿيو. تنهن کان پوءِ 26 سال نوڪري پوري ڪري لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان ايڇ.ايس.ٽي طور رٽائرمينٽ ورتائين.سرڪش استحصالي قوتن خلاف ٿي بيٺو. جيئن جو سنڌ جي عاشق صادق سائين جي. ايم سيد سان سندس شناسائي ٿي ته هن وري پنهنجو پاڻ کي فنا في السنڌ ۽ فنا في السيد ڪيو.
اڏولتا، بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل وجود جهڙو سرڪش، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ”سنڌ سان وفا“ واري مقصد تي مقرر ڪيو. حسن، عشق، پريت، آزادي، امن، عالم انسانيت ۽ وطن پرستي سندس وجود جي سرشت جي هر نس نس ۾ موجود ڏسڻ ۾ اينديون رهيون.
05 مارچ 2012ع تي سرڪش سنڌي لاڙڪاڻي ۾ ڪينسر سبب وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاه به لاڙڪاڻي ۾ آهي.