تاج صحرائي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
“تاج صحرائي” انگريزي (Taj Sahrai) (پيدائش:11 سيپٽمبر 1921ع-وفات: 28 آڪٽوبر 2012ع)<ref>https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/poets-and-writers/</ref> سنڌ، پاڪستان جو مشهور محقق، مؤرخ ۽ اديب هو. هن تاريخ، قديم آثارن ۽ ادب بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. کيس ادبي خدمتن عيوض حُڪومت پاڪستان پرائيڊ آف پرفارمنس جي تمغي جو اعزاز بخشيو.<ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Pride_of_Performance_Awards_(1990%E2%80%9399)</ref>
بهتاج صحرائي شڪارپور ۾ نور محمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، تاج صحرائي بعد ۾ دادو شهر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي، جتي هو طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جا فرائض انجام ڏيندي اتان ئي پنهنجي ملازمت کان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، تاج صحرائي ڀلوڙ شاعر، اديب، محقق ۽ مورخ طور پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڪيتريون ئي يادگار تحريرون لکيون، جن ۾ سندس ڇپيل ڪتاب تصوير درد 1946ع، سر سارنگ جو مطالعو 1954ع، سنڌو تهذيب 1989ع، پئي لوڪ 1996ع، کير ٿر جبل ۽ گورک چوٽي 1996ع، انگريزي ۾ منڇر ليڪ 1997ع ۽ نيڻن ننڊ اگهور 2002ع ۾ شايع ٿيا، ان کان علاوه اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مرزا غالب ۽ ڌرتي جا زخم جيڪي اڃا تائين شايع نه ٿي سگهيا آهن، تاج صحرائي هڪ کرو ۽ ارڏو انسان هو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن حڪمران جي ڪاڻ نه ڪڍي، جنرل ضياءَ جي دور ۾ دادو ۾ هڪ تقريب دوران جنرل ضياءَ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو، جنهن ۾ هن کي اڳواٽ اها گذارش ڪئي وئي ته جنرل صاحب جي موجودگي سبب اردو ۾ تقرير ڪري، جڏهن اسٽيج تي تاج صاحب پهتو ته هن شاهه جي ان بيت سان شروعات ڪندي ته ”ايءَ نه مارن ريت جيئن سيڻ مٽائن سون تي“ کان بعد سنڌي ۾ مڪمل تقرير ڪئي، جنهن تي انتظاميا جا هن سرد موسم هوندي به پگهر ڪڍي ڇڏيا، دادو ضلعي ۾ گورک هل اسٽيشن تي جيڪا ترقياتي ڪمن جي منصوبابندي ٿي حقيقت ۾ اها تاج صاحب جي ئي ڪاوشن جو نتيجو آهي، پوءِ ان کي کڻي ڪير ڪنهن جي نالي سان منصوب ڪري سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه دادو جي قانوندادن امام بخش گهرياڻي جو تمام ويجهو يار هوندو هو ۽ امام بخش گهرياڻي، تاج صحرائي ۽ ڪجهه ٻيا دوست گورک، لاهوت، هنگلاج ۽ سنڌ جي ٻين تاريخي ۽ تفريحي ماڳن تي شوق سان ويندا هئا، جتي وڃي تاج صاحب پنهنجي تحقيقي ڪم کي جاري رکندو هو، سيد عبدالله شاهه سان پڻ گورک تي سندن ڳالهه ٻولهه ۽ گڏجي وڃڻ ٿيندو هو، جنهن کانپوءِ هن وڏ وزارت دوران گورک کي ترقي ڏيارڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو کان منظوري وٺي ڪم شروع ڪيو، پر حڪومتن جي مٽ سٽ سبب اهو ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو، تاج صحرائي وڏي عرصي تائين حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس جي سيڪريٽري طور فرائض انجام ڏنا، هو ڀلوڙ شاعر، اديب، محقق ۽ مورخ سان گڏوگڏ بهترين مقرر به هو ۽ تقرير جي فن ۾ هن صلاح الدين پنهور سميت ڪيترائي بهترين مقرر شاگرد تيار ڪيا، تاج صحرائي کي وفاقي سرڪار سندس خدمتن جي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو، هون ته ديني ڪتابن ۽ ڪورس جي ڪتابن جا ڪيترائي دڪان دادو ۾ هئا پر تاريخ ۽ جديد ادب جي ڪتابن کي عام ماڻهن جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ تاج صاحب دادو ۾ هڪ ڪتاب گهر کوليو، جنهن سان جديد ادب جا ڪتاب پڙهڻ جو ذوق رکندڙن لاءِ وڏي سهولت ٿي پئي، هو 28 آڪٽوبر 2002ع تي هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي حقيقي مالڪ ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي آخري آرامگاهه لال هندي قبرستان ۾ آهي، هن پنهنجي پويان قلمي پورهئي جي حوالي سان پنهنجي پوٽي ناديا جمال کي تربيت ڏني، جيڪا قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ مقالا پيش ڪندي هئي، 28 آڪٽوبر سڀاڻي سندس ورسي جو ڏينهن آهي پر شايد اهڙن عظيم ماڻهن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪنهن ادبي، سماجي تنظيم يا سرڪار طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ ئي ڪو پروگرام نه رکيو آهي، جتي هن پنهنجي حياتي جو وڏو حصو تعليم جي خدمت ڪندي گذاريو.
 
{{ڪچو}}