اڪبر جسڪاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
==جنم==
'''اڪبر جسڪاڻي''' ولد ڄام خان جسڪاڻي، 1958ع ڌاري ضلعي [[دادو]]ءَ جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو.<ref>http://affairnews.com/2015/07/%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1-%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D9%88%D8%B3%D8%B1%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D9%84-%D8%B4%D8%AE%D8%B5/</ref> [[File:اڪبر جسڪاڻي.jpg|thumb|]] [[اڪبر جسڪاڻي]]
==ننڍپڻ==
اڪبر ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد [[سعودي عرب]] ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. اُن کان پوءِ جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (وطن دوست پارٽي) ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هن جوهي شهر ۾، ترقي پسند قومپرست شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت، جوهي شاخ جو بنياد به هن وڌو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد خلاف چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل به ڪمايائين.<ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A </ref>
 
==نوڪري==
اڪبر جسڪاڻي (Akbar Jiskanni) کي مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سيد ظفر حسن جي دؤر ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ۾ لائبريرين مقرر ڪيو ويو. ۽ پوءِ ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.<ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A </ref>
 
==ادبي سفر==
هن فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون شروعاتي ڪهاڻيون ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ روزاني آفتاب، عبرت ۽ [[سنڌ]] نيوز ۾ به لکيائين. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جا مجموعا ”بتين واري ناني“ (ناوليٽ)، ”رمون پيٽي“ ۽ ”خيرو حجم“ جي نالي سان نثار حسينيءَ ڇپرايا، جن مان ’رمون پيٽي‘ ۽ ’بتين واري نانيءَ‘ کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌالاجيءَ طرفان بهترين ڪتاب طور انعام ڏنو ويو. اڪبر جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءَ“، هالا جي دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڪبر شادي نه ڪئي. <ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A </ref>
 
==ٻاراڻي ادب جو سهيڙيندڙ==
سِٽَ 18:
 
==پراسرار موت==
اڪبر جسڪاڻيءَ جو لاش حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان، 13 آگسٽ 1999ع تي سڙيل حالت ۾ مليو. سندس موت اڄ ڏينهن تائين هڪ راز بڻيل آهي. اڪبر جسڪاڻي جي موت بابت ٻه ڳالهيون سامهون آهن, پر هن وقت تائين اهي ٻئي ڳالهيون ثابت نه ٿي سگهيون آهن ته اڪبر جو موت ڪيئن ۽ ڇو ٿيو؟ ڪي چون ٿا ته اڪبر جو قتل ٿيو هو، ته وري ڪي اهو به تاثر ڏين ٿا ته اڪبر آپگهات ڪيو هو، جيڪڏهن اڪبر جو قتل ٿيو هو ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ جيڪڏهن هن آپگهات ڪيو هو ته ان جو سبب ڪهڙو هو؟ <ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A </ref>
<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A</ref>
<ref>http://affairnews.com/2015/07/%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1-%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D9%88%D8%B3%D8%B1%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D9%84-%D8%B4%D8%AE%D8%B5/#IKreSTWHkFuYmuqH.01</ref>