ابو ھريره: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:أبو هريرة.png|thumb|centre|ابو ھریرۃ]]
مشهور -اصحابي-، جنهن کان 5375 حديثون روايت ڪيل آهن. سندس پورو نالو عبدالله -بن- عامر ڄاڻايل آهي، جڏهن ته ڪن ڪتابن ۾ سندس نالو عبد شمس به ڄاڻايل آهي. -اسلام- قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو عمير رکيو ويو. جيئن ته هو ٻلين پالڻ جو شوقين هوندو هو، -ان- ڪري ”-ابو هريره-“ (ٻلين جو پيءُ) سندس ڪنيت ٿي وئي. خيبر واري -جنگ- جي موقعي تي سن 7 هه مطابق 629ع ۾ مديني شريف پهچي -اسلام- قبول ڪيائين. حضرت -ابو هريره- جيڪي حديثون روايت ڪيون آهن، -تن- مان 335 متفق عليہ آهن. کيس ”سلطان الحديث“ جو لقب پڻ مليل هو. حضرت عمر فاروق جي خلافت واري دور ۾ ڪجهه وقت -بحرين- جو گورنر به ٿي رهيو، پر جڏهن حضرت عثمان جي خلافت جو دور آيو ته پاڻ مديني ۾ گوشه نشين ٿي ويو. پاڻ 78 سالن جي ڄمار ۾ 676ع ۾ وفات ڪيائين. کيس -جنت البقيع- ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%20%D9%87%D8%B1%D9%8A%D8%B1%D9%87</ref>
 
==حوالا==
{{حوالا}}