اياز جاني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 7:
اياز جاني سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ گلشن حديد شاخ سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو. جاني جديد سنڌي غزل ۽ وائيءَ جو نهايت ئي برجستو شاعر هيو. غزل ۽ وائي سندس سڃاڻپ جا خاص حوالا هئا. سندس غزل، وايون ۽ شاعريءَ جون ٻيون صنفون، سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر ادبي پرچن ۾ ڇپجنديون رھيون. ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ اياز جاني جي شاعري تي شيخ اياز پڻ لکيو هو ۽ سندس شعر مثال طور ڏنا هئا. هي اهو اياز جاني هو جنهن شيخ اياز جھڙي شاعر کي به متاثر ڪيو. تازو ئي سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”دراوڙ دل جي تنهائي“ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن جي مهورت آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران ڪرائي وئي ان پروگرام ۾ سموري سنڌ مان اياز جاني سان پيار ڪندڙ اديب شريڪ ٿيا. اياز جاني جي ادبي ڪم تي ڳالهائڻ لاءِ ته تفصيلي طور لکڻ جي ضرورت آهي ڇالاءِ ته هن سموري حياتي ادب کي ارپي ڇڏي هئي سندس لکيل گيت، غزل ۽ وايون ڌرتيءَ ڌڻين جي دکن دردن جون ترجمان به آهن ته سندس لفظ هن جي وجود جي پيڙائن جو اظهار پڻ.
اياز جاني ماهوار “سارس“، ماهوار ”لهرون“ ۽ ماهوار ”همرچو“ ادبي رسالن سان پڻ واڳيل رهيو. هو شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفسير طور به ڪم ڪندو رهيو. کيس ”قلندر شهباز بهترين شاعر“ ايوارڊ 2011 ۾ مليو، سندس جيون ساٿياڻي ساجده انصاري، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻي، ترتيبوار منصور علي، سرمد اياز، برکا اياز، ذوالفقار علي، حسين اياز، علي عباس ۽ علي قاسم شامل آهن.
 
 
[[زمرو:سنڌي شخصيتون]]