سنڌ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 49:
تاريخي طور تي اهو سنڌي ماڻھن جو گهر رهيو آهي۔ ان کي مقامي طور تي واڌي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو ۔ پکير جي لحاظ کان سنڌ ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ ٻيو وڏو صوبو آهي [[پنجاپ]] کان پوء ، سنڌ جون سرحدون اولھ ۾ [[بلوچستان]] اتر ۾ پنجاپ سان، اوڀر ۾ [[ڀارت]] جي رياستن [[راجستان ]] ۽ [[گجرات]] سان ملن ٿيون جڏهن ته سنڌ جي ڏکڻي سرحد [[عربي سمنڊ]] سان ملي ٿي۔ سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري [[سنڌو درياھ]] جي وهڪري سبب آباد آهي ، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ [[ٿر ريگستان]] واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ [[رڻ آف ڪڇ]] ريگستان سان ملي وڃي ٿو۔ سنڌ جي اولھ ۾ [[کير ٿر جبل]] واقع آهي ۔ سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿدي رهندي آهي۔ سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي۔ ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بيڪن جو سٽم موجود آهي ، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ [[بن قاسم بندرگاھ]] ۽ [[ڪراچي بندرگاھ]] پڻ سنڌ ۾ آهن ۔ باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي ، جيڪي لاتعداد ميوا ، ڀاڄيون ، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۔ سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي۔
سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي ، جنهن تي گهڻو تڻو اثر [[صوفيزم]] جو آهي ، ڪيتريون ئي اهم [[صوفي]] مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون ۔ سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ [[هندو]] (ديوان) رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ [[مهاجر ]] (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) [[برمي]] ، [[ملباري]] ، [[بنگالي،]] وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن ۔ سنڌ ۾ [[گڏيل قومن جي سائنسي ثقافتي ادارو]] طرفان ٻه ورثا پنهنجي اداري طرفان منظور ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ [[مڪلي جون ٽڪريون]] (ٺٽو) ۽ ٻيو [[موهن جو دڙو]] (لاڙڪاڻو)۔
 
 
 
 
 
دستاويزي ثبوت ٻڌائين ٿا ۽ تاريخي سچائي به اِها آهي ته ذري گهٽ هي سڄو ننڍو کنڊ ڪنهن زماني ۾ [[سنڌ]] هئي. هند، هندو، هفت هندو، هندڪو، هندي، هندستان، انڊ، انڊو، انڊس، انڊيا نالا [[سنڌ]] تان کنيل آهن.
 
هاڻوڪو سڄو [[پاڪستان]] قديم [[سنڌ]] (Sindh) جي ڌرتي تي ٺهيل آهي. ان قديم [[سنڌ]] بابت هڪ راءِ اها به آهي ته [[بلوچستان]], ايراني بلوچستان، اڌ ايران، افغانستان، هندستان، سريلنڪا ۽ ڪشمير وغيره [[سنڌ]] هئا , سنڌ ڪنهن وقت ۾ موجوده قابل کان اڄ واري آسٽريليا تائين پکڙيل هئي . افغانستان، [[بلوچستان]]، ڪشمير، سرائيڪي بيلٽ، گجرات (ڀارت واري) ڪڇ ڀُڄ، راجسٿان مارواڙ جا قديم ماڻهو [[سنڌي]] نسل جا آهن. <ref>http://affairnews.com/2015/07/%DA%AF%D8%B1%D9%8A%D9%BD%D8%B1-%D8%A8%D9%84%D9%88%DA%86%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86-%DB%BD-%D8%AA%D8%A7%D8%B1%D9%8A%D8%AE%D9%8A-%D8%AD%D9%82%D9%8A%D9%82%D8%AA%D9%88%D9%86/</ref>
 
'''سنڌ'''، جنهن جو صحيح اچار ”سنڌو“ آهي، سو شروعاتي طرح اُنهيءَ نديءَ جو نالو آهي، جيڪا الهندن ملڪن ۾ ”انڊس“ (Indus) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اِهو غلط اُچار انهيءَ ڪري قائم رهيو ، جو اُهو سڪندر اعظم جي ساٿين سندس ڪاهن جي تذڪرن ۾، ڪتب آندو هو، ۽ اُهو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو. مشرقي اًچارن ۾اهڙي ڦيرگهير واقع ٿيندي رهندي آهي. حضرت عيسيٰ عليه الاسلام کان هڪ صدي پوءِ جوڙيل هڪ ڪتاب ۾ ”سنٿاس“(Sinthos) نالو آيل آهي، جيڪو اصل ۾ ڪجهه وڌيڪ قريب آهي.
 
هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنيٰ آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ. يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته خود سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنيٰ هئي ندي يا درياهه ... جنهن جي پٺيان ساري ملڪ تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي ... هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.“ هنونءَ به سنڌ ۽ سنڌو هڪ ئي وجود جو نالو آهي. سنڌؤَ کان سواءِ [[سنڌ]] ڪا به معنى نه ٿي رکي. هن ديس تان [[سنڌ]] جو نالو مٽايو يا بدلايو وڃي ته اهو پاڻ سان دوکو ۽ فريب چئبو. ڇو جو بقول لئمبرڪ جي ته، ”اهو بلڪل سونهين ٿو ته هن سرزمين جو نالو سنڌو ندي جي نالي سان لاڳاپيل هجي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نديءَ ئي کيس جنم ڏنو آهي ۽ سندس پرورش ڪئي آهي. هي سڄو خطو جيڪو ڪيترا سو ميل ڊگهو ۽ ويڪرو آهي. تنهن جو ذرو ذرو ۽ هر تهه سنڌو ندي تشڪيل ڏنو آهي.“ <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288</ref>
<ref>ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر</ref>
 
پوءِ ”سنڌ“ جو نالو اُنهي ملڪ تي پيو، جنهن کي سنڌو نديءَ جو هيٺيون وهڪرو رجائي ٿو، يعني اهو ملڪ اُنهن ڏاني ندين جي سنگم کان هيٺ تي آهي، جن جي گڏيل نالي تي ۽ ان کان مٿي واري ملڪ کي ”[[پنجاب]]“ سڏيو ويو، جنهن منجهان اُهي وهيون ٿي.
 
اها ڳالهه بلڪل مناسب آهي، جو [[سنڌ]] جي سر زمين درياهه شاهه جي نالي پٺيان سڏجي، جو ان کي سرجيو ئي درياهه شاهه آهي. ان سموري ڏيهه کي، جيڪو ڊيگهه ۾ سوين ميل ۽ ويڪر ۾ سو ميلن تائين آهي، سنڌوءَ جي پاڻي ڪڻو ڪڻو ڪري آڻي تهه مٿان تهه رکي جوڙيو ۽ ٿانيڪو ڪيو آهي. جنهن پڻيءَ کي اڄ اسان جا پير لتاڙين ٿا، سا اُها ساڳي پئي آهي، جنهن کي موهن جي دڙي وارا ۽ سندن وڏا لتاڙيندا هئا: يعني سنڌوءَ جو لوڙهي آندل لَٽُ، جنهن کي گرميءَ، پاڻيءَ ۽ ساوڪ جي تاثير سڌاري سنواري، هڪ سنئين سڌي ميدان جي شڪل ۾ ماٿريءَ جي ڇيڙن تائين ائين پٿاري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته ان جو ڪو ڇيهه ئي نه هجي فرق رڳو ايترو آهي ته جنهن ڌرتيءَ کان هو واقف هئا، تنهن جو مٿاڇرو ڪي پنجاهه صديون اڳ اڄوڪي مٿاڇري کان ڪجهه فٽ هيٺ هو ۽ ان جو سمنڊ سان ميلاپ اڄوڪي هنڌ کان ڪافي اندر ٿي ٿيو، باقي ان جي مٿاڇري جو مهانڊو، ان جا هڪ يا ٻئي پاسي اڻ لکا لاهه اڄوڪي چٽي ۽ بلڪل واضع مهانڊي کان ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ڦريل هجن. پر اهو فرق به خالي اکين سان ڏسي نه سگهبو. [[سنڌ]] جي ان ميدان جي وڌيڪ باريڪ جانچ ڪبي، پر پهريائين ڀر وارين سر زمينن تي نظر ڦيرائي وٺون.
 
==سنڌ جي جاگرافي ==