بالشيوزم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
بالشويزم (Bolshevism ) جو اصطلاح سڀ کان اڳ [[1903ع|1903ع]] ۾ استعمال ٿيو، جڏهن لنڊن ۾ روسي ”سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ“ جو اجلاس ٿيو، ان اجلاس ۾ مارڪسي اشسترڪيت جي ٻن نظرياتي شاخن بالشويڪن ۽ مينشويڪن ۾ چٽو فرق نظر آيو. روسيءَ ۾ ”بالشويزم“ جو مطلب ”[[اڪثريت”اڪثريت وارا|(گهڻائي وارا]])“ ۽ مينشويزم“ (Menshevism) جو مطلب ”ٿورائيءَ وارا“ آهي.
بولشويڪن (گهڻائيءَ وارن) جو اڳواڻ لينن هو. هنن جي ڪاميابيءَ [[بعد| کانپوءِ]] ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ”بالشويڪ پارٽي“ سڏيو ويو.
لينن ۽ سندس ساٿين جو مقصد ڪارل مارڪس جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ مزدورن کي متحد ڪري روسي بادشاهه '''زار''' (Tzar) جو انقلاب (Revolution) رستي تختو اونڌو ڪري، سچي معنيٰ ۾ ”پورهيتن جي حڪومت“ قائم ڪري، ملڪ ۾ ڪميونسٽ نظام لاڳو ڪرڻ هو. ٻئي طرف مينشويڪن (ٿورائيءَ وارن) جو اڳواڻ پلي خان نوف (1857-1918ع) هو، جيڪو اعتدال پسند هو ۽ ان جو خيال هو ته روس ۾ انقلاب آڻڻ کان اڳ ان ۾ ٻين يورپي ملڪن وانگر وچولي قسم جي جمهوريت آندي وڃي، هو انقلاب لاءِ رڳو پورهيتن کي نه پر سموري عوام کي ڪتب آڻڻ جو حامي هو. نيٺ 1903ع جي لنڊن اجلاس ۾ لينن جي حامين کي گهڻائي حاصل ٿي، ان ڪري کين بولشويڪ سڏيو ويو ۽ انهن ئي نومبر 1917ع ۾ روس ۾ ”پورهيت انقلاب“ آندو. 1918ع ۾ لينن ۽ سندس ساٿين بالشويڪ پارٽي جو نالو بدلائي ان کي ”ڪميونسٽ پارٽي“ سڏيو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D9%84%D8%B4%D9%88%D9%8A%D8%B2%D9%85</ref>