امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Jogi don چوريو صفحو علامه آء آء قاضي ڏانهن علامه آءِ آءِ قاضي: علامه آءِ آءِ قاضي
امداد علي امام علي قاضي
سِٽَ 26:
|}
 
''' امداد علي امام علي قاضي''', سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر '''علامه آءِ. آءِ. قاضي''' مرحوم جو پورو نالو، '''امداد علي ولد امام علي قاضي''' هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، [[دادو ضلعو|ضلعي دادوءَ]] جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي [[حيدرآباد، سنڌ|حيدرآباد]] ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ به پڙهايو.
 
==تعليم ۽ شروعاتي زندگي==