بڊو جبل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''''بڊو جبل'''، سيوهڻ کان اولهه طرف منڇر جي ڏکڻ ۾ ڀت ۽ لڪي جابلو سلسلي جي وچ ۾ آهي ۽ هن ج...
 
سِٽَ 3:
== ''تاريخ'' ==
 
''بڊو جبل، بنيادي طور تي ڀت جبل وانگر کيرٿر جبل جي هڪ اهم پاسراٽي آهي. هي جبل به ٽريشري (Tertiary) دور جو آهي. هتان لڀجندڙ (Fossils) پنڊ پهڻ ظاهر ڪن ٿا ته هتي ڪروڙِن سال اڳ مختلف وقتن تي سمنڊ، گپ ۽ خشڪيءَ جو راڄ هو. انهن پنڊ پهڻن ۾ سپيون، ڪوڏ، مڇيون، ڪڇون, وڻ، ٻوٽا ۽ خشڪيءَ جا ننڍا جانور شامل آهن.''<ref name="سنڌيانا"/>
 
''بڊو جبل، ريتيلي، پٿر، نباتات ۽ سامونڊي حياتيءَ، سميت ٻين معدني عنصرن جي گڏيل جوڙجڪ آهي ۽ ان ۾ گندرف جا به چڱا خاصا ذخيرا موجود آهن. اهو ئي سبب آهي، جو بڊي جبل ۾ گاجي شاهه، ڪائي ۽ نئنگ وارا گرم پاڻيءَ جا چشما موجود آهن.