سائنس ۽ فلسفو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ڇا فلسفو واقعي بيٺل ۽ بي حرڪت آهي؟ نظر ائين اچي ٿو ڄڻڪ سائنس سدائين اڳتي قدم وڌائي ٿي ۽ فلسفو سدائ...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
ڇا فلسفو واقعي بيٺل ۽ بي حرڪت آهي؟ نظر ائين اچي ٿو ڄڻڪ سائنس سدائين اڳتي قدم وڌائي ٿي ۽ فلسفو سدائين [[شڪست|هارَ]] کائيندو رهي ٿو. ائين ان ڪري لڳي ٿو جو فلسفو ڏکين ۽ جوکائتن موضوعن ۽ سوالن کي هٿ ۾ کڻي ٿو ۽ اهڙن مسئلن ۾ پاڻ کي وجهي ٿو، جيڪي سائنس واري طريقي سان حل ٿي نه ٿا سگهن. جيئن، نيڪي ۽ بدي، حسن ۽ بدصورتي، جبر ۽ اختيار، زندگيءَ ۽ موت جا مسئلا وغيره.
 
انساني جاچ جوچ جي ميدان مان اسان کي جيڪو علم حاصل ٿئي، جنهن کي اسين صحيح قاعدن ۽ قانونن ۾ پيش ڪري سگهون، تڏهن ان علم کي اسين سائنس چئون ٿا. سائنس جي شروعات فلسفي سان ٿئي ٿي، ۽ ان جي انتها فن آهي. هر ڪا سائنس ڪنهن نه ڪنهن اندازي سان شروع ٿئي ۽ پوءِ آهستي آهستي صحيح علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. فلسفو (مابعدالطبعيات ۾) اڻ ڄاتل حقيقت جي اڻ چٽي ۽ غير واضح ڄاڻ ۽ حقيقت جي تشريح ڪري ٿو.