جان ڪيٽس: جي ورجائن ۾ تفاوت

انگريز شاعر
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox writer <!-- for more information see Template:Infobox writer/doc --> | image = John Keats by William Hilton.jpg | image_size=250px | caption = ''جان ڪيٽس...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 02:18, 31 آڪٽوبر 2016ع

مشهور انگريز شاعر جان ڪيٽس جو جنم 1795ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو.[1]

جان ڪيٽس

جان ڪيٽس جو پورٽريٽ وليم ھلٽن پاران. نيشنل پورٽريٽ گئلري، لنڊن
پيدائش 31 آڪٽوبر 1795(1795-10-31)
مورگيٽ، لنڊن، انگلينڊ
وفات 23 فيبروري 1821 (عمر 25 سال)
روم، Papal States
ڌنڌو شاعر
مادرِ علمي ڪنگس ڪاليج لنڊن
ادبي تحريڪ رومانيت

خانداني پسمنظر

هن جي پيءُ جو نالو ’ٿامس‘ هو. کيس ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هيءُ سڀني کان وڏو هو. 1804ع ڌاري هن جي پيءُ جو روڊ حادثي ۾ موت ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي، پر اها شادي ناڪام ٿي. پوءِ سڀئي ٻار پنهنجي نانيءَ جي گهر ايڊمنٽن ۾ وڃي رهڻ لڳا. هن جي ماءُ 1810ع ڌاري ٽي. بي جي بيماريءَ سبب گذاري وئي.[1]

تعليم ۽ ادبي خدمتون

ڪيٽس پنهنجي تعليم ’پروگريسو ڪلرڪ اسڪول‘ مان حاصل ڪئي، جتي هن اينيئڊ (Aeneid) جو ترجمو ڪيو. 1814ع ڌاري هن جو پهريون نظم ‘Lines in Imitation of Spenser’ نالي ڇپيو. 1817ع ڌاري هن جو ڪتاب ‘Poems by Jhon Keats’ نالي ڇپيو، پر اهو مشهور ٿي نه سگهيو. 1818ع ڌاري اينڊيمين، 1819ع ڌاري ’دي ايو آف ايس ٽي ايجنس‘ ۽ ’لابيل ڊيم سينس مرسي‘ نالي نظمن جا ڪتاب ڇپيا. ساڳئي عرصي دوران هن جون مشهور ڏُکاريل ڪوِتائون: ‘On a Grecian Urn’، ‘To a Nightingale’ ۽ ‘To Psyche’ وغيره ڇپيون، جن هن کي ’امر‘ ڪري ڇڏيو.[1]

وفات

1820ع ڌاري ڪيٽس تمام گهڻو بيمار ٿيو، سيپٽمبر 1820ع تي هيءُ روم ويو ۽ ان ئي سال پنجويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ نومبر 1820ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا