قريش: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: حجاز ۾ عرب جي معزز قبيلن منجهان قريش جو قبيلو سڀ کان وڌيڪ مانائتو ليکيو ويندو هو. پيغمبر جو پڙ ڏاڏ...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 1:
حجاز ۾ عرب جي معزز قبيلن منجهان '''قريش''' جو قبيلو سڀ کان وڌيڪ مانائتو ليکيو ويندو هو. پيغمبر جو پڙ ڏاڏو [[قصي]] بن قلاب حرمِ خدا (ڪعبي) جو متولي هو. قريش ڪيترن ئي نکن ۾ ورهائجي ويا هئا. انهن سڀني منجهان بني [[هاشم]] سڀني کان وڌيڪ وڏي رُتبي وارا هئا. حضرت هاشم بلند مرتبي وارو، ڏاهو ۽ مڪي وارن ۾ آبرو وارو سمجهيو ويندو هئو. پاڻَ مڪي جي رهواسين جي ڪم اچڻ ۽ سندن زندگي سولي ۽ سُکي بڻائڻ لاءِ سياري توڙي اونهاري ۾ واپار جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو.ان خدمت جي عيوض اتان وارن کين [[سيد]] جي لقب سان نوازيو ۽ ان ئي بنياد تي هاشم ۽ پيغمبر جي اولاد کي سيد سڏيو وڃي ٿو.
 
هاشم کان پوءِ [[مطلب]] ۽ مطلب کان پوءِ [[عبدالمطلب]]، هاشم جا پٽ قريش جا اڳواڻ ٿيا. عبدالمطلب جي شخصيت مانائتي هئي، انهن جي ئي زماني ۾ ابرهه ڪعبي تي حملو ڪيو ۽ پاڻ تباهه ٿي ويو، جنهن ڪري عبدالمطلب جي عظمت هٿئون وڌي وئي. پاڻ پنهنجي پٽ [[عبدالله]] سان گهڻو پيار ڪندا هئا. چوويهه ورهين جي ڄمار ۾ عبدالله جي شادي شريف نينگري [[آمنه]] سان ٿي.
 
بيبي آمنه کي [[عام الفيل]] جي واقعي کان ٻه مهينا پوءِ هڪ فرزند ڄايو، جنهن جو نالو [[محمد]] رکيو ويو. پاڻ سڳورن جي ولادت کان اڳ ئي سندن بابي سائينءَ (حضرت عبدالله) جو انتقال ٿي ويو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ سندن جيجل امڙ جو سايو به سر تي نه رهيو، ۽ پاڻ سڳورن کي سندن ڏاڏي سائين حضرت عبدالمطلب پنهنجي سنڀال ۾ ورتو.
 
سائڻ خديجه جي شڪم مان سائڻ [[فاطمہ]]تولد ٿيون ۽ امت اسلام([[شیعہ]] [[امامت]]) جا سڀئي معصوم رهبر ۽ اڳواڻ سائڻ جي ئي نسل منجهان آهن.<ref>[http://siraatmustaqem.org/(S(chuyel553kvn3uqtotnbhe45))/ContentPage.aspx?Id=3021 سائره مستقيم اوآرجي]</ref>
 
== حوالا ==