سري لنڪا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
improved
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[سريلنڪا]] هڪ ايشيائي ملڪ آهي، جيڪو [[پاڪستان]] جو پاڙيسري ملڪ آھي. ان ملڪ جا پاڪستان سان دوستاڻا رويا آھن
[[سريلنڪا]] هڪ ايشيائي ملڪ آهي، جيڪو [[پاڪستان]] جو پاڙيسري ملڪ آھي. ان ملڪ جا پاڪستان سان دوستاڻا رويا آھن. سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون به سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو. جيڪو وري سرڪاري طرح رکيو ويو آهي. هندن جي مذهبي ڪتابن راماين وغيره ۾ پڻ هن کي '''لنڪا''' سڏيو ويو آهي. شاهه لطيف پڻ سُر سامونڊيءَ ۾ هن لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي.
 
<center>کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا </center>
<center>سودو ڪن سون جو وڏا وهائو </center>
<center>موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو </center>
<center>سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا. </center>
<center>شاهه عبدالطيف ڀٽائي </center>
 
سريلنڪا يعني لنڪا شريف ۾ مهاوامسا تواريخ مطابق '''وجي''' نالي هڪ هندو شهزادو عيسوي سن کان به ڇهه سؤ سال اڳ هندستان کان آيو ۽ پهريون سنهالي بادشاهه ٿيو ۽ حڪومت قائم ڪيائين. اهو شهنشاهي راڄُ هلندو ئي رهيو تان جو اوڻهينءَ صديءَ ۾ انگريزن ڪئنڊيءَ جي راڄ تي قبضو ڪيو.
 
1905ع ۾ پورچوگيزن اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ڪنارن تي پنهنجون بيٺڪون ٺاهيون. پورچوگيز پهريان يورپي هُئا جن پنهنجي سامونڊي طاقت تي آفريڪا کنڊ لتاڙي ڪيپ آف گُڊ هوپ (Cape of Good Hope) اڪري اچي ننڍي کنڊ جي ڪناري وارن علائقن تي قبضو ڪيو. 1612ع ۾ انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا ته هنن پورچوگالي استادن کي اڳهين اتي ڏٺو! ۽ انگريزن کان گھٽ ۾ گھٽ سٺ ستر سال اڳ هي پورچوگيز سنڌ ۾ آيل هئا، ڇو ته 1555ع ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ لڳل گھرو جنگ ۾ پڻ پورچوگيزن حصو ورتو هو ۽ تاريخ طاهري مطابق شاهه حسن ارغون جي غير حاضريءَ ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي لُٽيو ۽ ساڙيو هو. انگريزن جي لاري بندر (ٺٽي) جي سرزمين تي قدم رکڻ کان اڳ هنن پورچوگيزن جو ايراني نار، گُجرات ۽ گوا سان واپار ڄميل هو ۽ لاري بندر ۾ ٺٽي وٽ ڪليسا پڻ ٺهرايل هو.
 
سلون ۾ پڻ پورچوگيز پهرين آيا ۽ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري ڊَچ آيا. پوءِ 1796ع ۾ برطانوي راڄُ سلون ٻيٽ تي فتحيابي حاصل ڪئي ۽ کيس مدراس پريزيڊنسيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. 1802ع ۾ سلون کي هندستان کان ڌار ڪيو ويو ۽ سلون (Crown Colony) ٿي رهيو، هانگ ڪانگ سندن هٿ ۾ هو، جيڪو 1 جولاءِ 1997ع تي چين کي واپس ڪيو ويو.
 
سلون اڄڪلهه آزاد ملڪ ۽ ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي. سريلنڪا کي آزادي هندستان ۽ پاڪستان کي آزادي ملڻ کان پوءِ سگھو ئي ملي ۽ ان وقت کان سلون کي پنهنجي حڪومت آهي. پهريان چار سال مسٽر ڊي. ڊبليو سينانائڪي پهريون پرائيم منسٽر ٿي رهيو. ان کان پوءِ مسٽر بندرانائڪي (جيڪو پوءِ 1959ع ۾ قتل ڪيو ويو) ۽ 1960ع ۾ سندس زال مسز بندرانائڪي پرائيم منسٽر ٿي. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=151</ref>
<ref>ڪتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن، ليکڪ: الطاف شيخ</ref>
 
{{ڪچو}}
 
{{حوالا}}
 
[[زمرو:ملڪ]]
[[زمرو:مجيب الرحمان جا لکيل مضمونتاريخ]]