ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سِٽَ 287:
===سليڪان چپ جو انقلاب===
 
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي ان ڳالهه تي اعتبار نه ٿا ڪن ته انهن جون زندگيون سليڪان جي انقلاب سان بهتر/امپرووImprove ٿيون آهن. سليڪان هڪ نيم پسرائيندڙ (سيمي ڪنڊڪٽر) ڌاتو آهي، هن جي بنياد تي ايجاد ٿيندڙ سليڪان چپ (مائڪروپورسيسر) اليڪٽرانڪس کي هڪ نئين تازگي ڏني، ۽ نتيجي ۾ ٽئين نسل جا پورو حال ولاريندڙ ڊجيٽل ڪمپيوٽر جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ ٽرانزسٽرس لڳل هوندا ها، انهن جي جڳهه هنن چپس ولاري. هن چپ جي تياريءَ ۾ گھٽ خرچ سبب ڪمپيوٽر وڌ کان وڌ مقبول ٿيڻ لڳا، ۽ جڏهن چوٿين نسل جي ڪمپيوٽرن ۾ هن چپ جي ٽيڪنالاجيءَ وڌيڪ ترقي ڪئي ته ڪمپيوٽر آهستي آهستي سستا ٿيندا ويا. هن چپ جا هيٺيان خاص فاعدا هيا/آهن:
 
#هن جي جسامت بلڪل ننڍڙي هئي.
#تيز رفتار ڪارڪردگي
#توانائيءِ/بجليءَ جو گھٽ استعمال
#۽ تياريءَ تي گھٽ خرچ.
 
مائڪروڪمپيوٽر ۾ پروسيسر صرف هڪ چپ تي مشتمل هوندو آهي، ۽ هن چپ جي ايجاد ئي مائڪروڪمپيوٽر کي ممڪن بڻايو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انقلابي تبديليون آنديون. چپ جي ايجاد کان پهريان ڪمپيوٽر جي ياداشت لاءِ معمولي تارون ۽ برقياتي نليون استعمال ٿينديون هيون، هي نليون بجليءَ جي وهڪري کي سوئچ سسٽم (کُلڻ-بندٿيڻ يا On-Off) ذريعي معلومات جو ذخيرو ڪنديون هيون. انهن ڪمپيوٽرن جو وزن سوين ٽنن تي مشتمل هوندو هيو. ٻئين نسل جي ڪمپيوٽرن ۾ برقياتي نلين جي جاءِ ٽرانزسٽرن ولاري، ٽرانزسٽرن جي جسامت هڪ ميٽر جي برابر هوندي هئي، ۽ بجلي به نسبتاً گھٽ استعمال ڪندا هيا. چپ ان وقت ٽرانزسٽرن جي جاءِ ولاري جڏهن سائنسدانن کي معلوم ٿي ويو ته ڪهڙي طرح هزارن جي تعداد ۾ ٽرانزسٽر هڪ ننڍڙي چپ ۾ سمائجي سگھجن ٿا. هنن چپين جي ننڍڙي سائيز جي ڪري اهي پروسيسر جيڪي ڪنهن زماني ۾ سڄي ڪمري کي گھيري ويندا ها، هاڻي توهان انهن کي پنهنجي آڱر جي چوٽيءَ تي به رکي سگھوسگھجي ٿاٿو. ۽ هن چپ جي استعمال سان ئي ڪمپيوٽر کي اسان ذاتي ڪمپيوٽر (پرسنل ڪمپيوٽر) جو نالو ڏيڻ شروع ڪيو. ۽ويو. هاڻي ڪمپيوٽر صرف ڪيبورڊ ذريعي داخل يا انپٽ ٿيل مواد کي آواز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ئي استعمال نه ٿا ٿين پر، هاڻي اهڙا پروگرام به آهن جيڪي پين يا قلم سان لکيل اکرن کي، يا انسان طرفان ڳالهايل جملن کي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري سگھن ٿا، ايتري قدر جو اها ٻولي نابين ۽ گونگا ٻوڙا به سمجھي سگھن. جهڙوڪ : بريلي Braille ٻوليءَ ۾ آئوٽ پٽ/پرنٽ وغيره يا وري اهڙا پروگرام جيڪي هڪ ئي وقت انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي انسان سان رابطو ڪري سگهن ۽ انهن جون ضرورتون ٻين انسانن تائين انساني ٻوليءَ ۾ بيان ڪري سگهن يا پاڻ ئي پوريون ڪري سگهن. اهو سڀ ڪجھه زمان حال ۾ ۽ هتي ئي ٿي رهيو آهي، توهان سوچيو ته مستقبل ۾ ڪمپيوٽر انسان کي ڪهڙي مدد نه ٿو ڪري سگھي.
 
هاڻي مائڪروپروسيسر چپ صرف ڪمپيوٽر ۾ ئي نه ٿا استعمال ٿين پر ٻانهن تي ٻڌڻ وارين گھڙين، ٽيلي فون، ڪارين، رانديڪن وغيره ۾ به انهن جو استعمال روز به روز عام ٿيندو پيو وڃي ڇو ته انهن جي ننڍڙي جسامت جي ڪري هو ڪنهن به اليڪٽرانڪ اوزار ۾ فٽ ٿي سگھي ٿي. ۽ گھٽ قيمت جي ڪري ماڻهو ان کي خريد ڪري سگھن ٿا.
 
===ميموري ميئرمينٽ يونٽس===
 
ميموريءَ کي ماپڻ جا ايڪا، ڪمپيوٽر جي ميموريءَ جي صلاحيت کي ماپڻ لاءِ جيڪي ايڪا يا يونٽ استعمال ٿيندا آهن. انهن مان بٽ (Bit) ننڍو ۽ بنيادي ايڪو آهي، بٽ بائينري ڊجٽ (Binary Digit) جو مخفف آهي (ياد رهي ته بائنري لفظ ٻن لفظن باءِ معنى ٻه ۽ نري معنى نمبر مان ورتل آهي اهڙي نموني بائنري جو مطلب ٿيو ته اهڙو نمبر سسٽم جيڪو صرف ٻن ايڪن يعني 0 ۽ 1 تي مشتمل هجي). اٺن بٽز تي مشتمل هڪ گروپ کي بائيٽ چيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ هڪ بائيٽ اٺن بٽس تي مشتمل هوندو آهي، اهڙي نموني هنن بنيادي ايڪن مان ڪلو، ميگا، گيگا ۽ ٽيرا بائيٽس ٺاهيا ويندا آهن جن جي تفصيل هيٺ ڏجي ٿي.