ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 379:
ميگنيٽڪ ٽيپ پلاسٽڪ تي مشتمل هوندي آهي، جنهن کي آئرن آڪسائيڊ سان ڪوَر ڪيو (تهيو) ويندو آهي، ڪمپيوٽرن ۾ ميگنيٽڪ ٽيپ اسٽوريج، ڊيٽا کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٽيپ تي پڙهڻ يا لکڻ جو عمل هن طريقي سان ٿيندو آهي ته ٽيپ هيڊز (پڙهندڙ يا لکندڙ برقي اوزار) جي هيٺان گذرندي آهي، ۽ ڊيٽا ان جي ڊيگهه طرف متوازن ٽريڪس يا چينلن ۾ لکيو ويندو آهي. هن قسم جا ٽيپ عام طور تي مين فريم يا مني ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ٿيندا آهن.
 
======ملٽي ميڊيا ڇا آهي======
 
جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته هاڻي ڪمپيوٽر ڪنهن هڪ ڪم يا هڪ فيلڊ تائين محدود نه رهيو آهي، هن جو استعمال هر هنڌ آهي. ڪمپيوٽر جي اهميت اسان ان ڳالهه مان لڳائي سگھون ٿا ته مائڪروسافٽ ڪمپنيءَ جي بانيءَ بل گيٽس چيو آهي ته ” ايندڙ دور انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو هوندو، ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي ڪمپيوٽر بابت ڄاڻڻ نه ٿا چاهن يا انهن کي ڪمپيوٽر بابت معلومات نه هوندي اهي ايندڙ وقت ۾ ضرور پڇتائيندا“. ها جيئن ته ڳالهه پئي ڪئي سين ته ملٽي ميڊيا ڇا آهي، ڪمپيوٽر جو ڪردار هر فيلڊ ۾ مختلف ۽ اهم آهي، پر هيءَ اهڙي مشين آهي جنهن کي جديد تعليم (علم) سان گڏ تفريح لاءِ به وڏي اهميت حاصل آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان به خوبي لڳائي سگھجي ٿو ته ڪمپيوٽر جي چاهڻ وارن لاءِ اهي سڀئي تفريحون هن ۾ شامل ڪيون ويون آهن جيڪي اسان پنهنجي روز مره جي زندگيءَ ۾ فارغ وقت ۾ پاڻ کي انٽرٽينٽ ڪرڻ استعمال ڪندا آهيون. مثلاً: صرف هڪ ڪمپيوٽر اسان کي ٽيپ رڪارڊر، ٽيلي ويزن، وي سي آر، ايمپلي فائر، سي ڊي ۽ ڪئبل جون مڙئي سهولتون بهتر انداز ۾ مهيا ڪري ڏئي سگھي ٿو. هاڻي توهان سوچيو ته جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل صرف تفريح لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي گڏيل قيمت جي نسبت ڪمپيوٽر (جنهن مان تفريح سان گڏ بيشمار ٻيا ڪم به وٺي سگھجن ٿا) جي قيمت ڪيتري گھٽ آهي، ان ڳالهه مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڪنهن به شعبي ۾ نه صرف پوئتي نه آهي، هر شعبو ڪمپيوٽر کان سواءِ اڻ پورو آهي. ملٽي ميڊيا تي اهو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي ته ڪمپيوٽر ۾ ملٽي ميڊيا جا مختلف ڪم آهن، جهڙوڪ: سائونڊ سسٽم، سي ڊي روم، ايم پي اي ۽ وي جي اي ڪارڊ (وڊيو ڊسپلي ڪارڊز)، اسپيڪر وغيره هن جا مکيه حصه آهن، ۽ انهن ملٽيميڊيا اوزارن تحت اسان، مختلف ۽ دلچسپ گيمز، فلمون، اينيميشنز، پريزنٽيشنز، موسيقي، لک پڙهه وغيره ڪري سگهون ٿا.