ڪمپيوٽر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 329:
 
== اسٽوريج ميڊيا ==
 
ڪمپيوٽر نظام ۾ مواد يا انفارميشن کي ذخيرو/محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا شي (ميڊيا) استعمال ڪئي وڃي تنهن کي اسٽوريج ميڊيا چئبو آهي. (ميڊيا مان مراد ڪو به فزيڪل مٽيريل جهڙوڪ پيپر، ڊسڪ ۽ ٽيپ وغيره جيڪي ڪمپيوٽر ڊيٽا جي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آڻجن. ياد رهي ته لفظ media جمع آهي ۽ ان جو واحد طور لفظ medium استعمال ڪبو آهي. جڏهن ته لفظ ميڊيم جو مفهوم هن ريت آهي ته اهڙو ذريعو جنهن مان مختلف قسم جا سگنلز يا لهرون هڪ شي کان ٻي شي ڏانهن منتقل ٿين. مثلاً هوا هڪ اهڙو ميڊيم آهي جنهن ذريعي آواز جون لهرون هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن منتقل ٿين ٿيون.)
 
=== اسٽوريج ميڊيا جا قسم: ===
==== پرائمري يا مين اسٽوريج: ====
 
==== پرائمري يا مين اسٽوريج: ====
 
پرائمري يا مين اسٽوريج مان مراد بنيادي اسٽوريج آهي. مين اسٽوريج، دراصل جنهن وقت ڪمپيوٽر ٺاهيا ويندا آهن، انهن ۾ هڪ اهڙو نظام مين بورڊ (مڌر بورڊ) يا سي پي يو باڪس ۾ ميگنيٽڪ ڪور ۾ نسب ڪيو ويندو آهي، جيڪو جيڪو ڪمپيوٽر کي هلائي، ان ۾ اهڙي صلاحيت پيدا ڪري جيڪا سافٽويئر (پروگرامن) ۽ اطلاعن يا پيغامن کي پروسيس ڪري سگھي. مين اسٽوريج سان رجسٽر به استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي عارضي طور تي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ جي ڪم ايندا آهن، مين اسٽوريج، ڊيٽا کي ان پٽ ڊوائيز کان وٺندي آهي، ان کي ميموريءَ ۾ نظر ثاني ڪري پروسيسر ڏانهن منتقل ڪندي آهي، جتي اها ڊيٽا پروسيس ٿي آئوٽ پٽ ڊوائيسز ذريعي نتيجا مهيا ڪندي آهي، جن کي اسان آئوٽ پٽ چوندا آهيون، بعد ۾ ان پروسيس ڪيل ڊيٽا يعني آئوٽ پٽ کي اسان سيڪنڊري اسٽوريج ڊوائيز ۾ محفوظ ڪندا آهيون.
 
:نوٽ: ريم به پرائمري اسٽوريج جو قسم آهي.
====''نوٽ'': سيڪنڊريريم به پرائمري اسٽوريج: ====جو قسم آهي.
 
====ديڪنڊري اسٽوريج====
 
هن قسم جي اسٽوريج مان مراد ريم کان علاوه هر قسم جون اسٽوريج ڊوائيسز آهن. هن قسم جون اسٽوريج ڊوائيسز ڪمپيوٽر سيٽ يا مڌر بورڊ کان عليحده هونديون آهن سواءِ هارڊ ڊسڪ جي (هارڊ ڊسڪ سي پي يو اندر نسب ٿيل هوندي آهي)، جن کي اسان ڊيٽا، فائيل، پروگرام يا سافٽويئر وغيره رکڻ/محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون.
سيڪنڊري اسٽوريج لاءِ ڊوائيسز استعمال ٿينديون آهن انهن مان ڪجهه اهم هيٺ ڏجن ٿيون.
 
#ميگنيٽڪ ڊسڪ
#ڊسڪيٽس (فلاپي ڊسڪز)
Line 343 ⟶ 351:
#ميگنيٽڪ ٽيپ يونٽ، وغيره
 
===== 1. ميگنيٽڪ ڊسڪ اسٽوريج Magnetic Disk Storage: =====
 
ڊسڪيٽ ۽ هارڊ ڊسڪ هڪ قسم جون مقناطيسي ميڊيا آهن. ميگنيٽڪ ڊسڪ جي بناوٽ گولائيءَ ۾ حرڪت ڪندڙ/ڦرندڙ ڌاتوءَ جي پليٽ/ٿالهيءَ جهڙي هوندي آهي، هن ڊوائيس تي ڊيٽا لکڻ ۽ پڙهڻ يعني ريڊ ائنڊ رائيٽ جا ٻئي ڪم ڪري سگھجن ٿا. هن ڊوائيز تان جنهن وقت ڊيٽا پڙهي ويندي آهي ان وقت مقناطيسي ڊيٽا/مواد برقي لهرن ۾ تبديل ٿيندو آهي، جيڪو بعد ۾ پروسيسر ڏانهن منتقل ٿيندو آهي. پر هن ڊوائيز تي ڊيٽا جي لکجڻ جو عمل پڙهجڻ واري عمل جي بلڪل برعڪس هوندو آهي، مطلب ته هن تي پروسيس ٿيل برقي لهرن تي مشتمل ڊيٽا محفوظ ٿيڻ مهل مقناطيسي خالن (بلينڪس) ۾ تبديل ٿي هن ڊسڪ تي محفوظ ٿيندي آهي. <br />
 
ياد رهي ته هنن قسمن جي اسٽوريج ڊوائيسز ۾ ڊيٽا جهڙوڪ: فائيلن، پروگرامن ۽ سافٽويئرن وغيره کي ڊسڪ تي جدا جدا بنايل ٽريڪس (دائرن ۾ بنايل رستن) ۾ محفوظيو (ڀريو) ويندو آهي. ڊسڪن جي ڪجھه تعداد کي عمودي شافٽ (Vertical Shaft) تي هڪ ٻئي جي مٿان مخصوص وٿيءَ تي رکيو/فٽ/نسب ڪيو ويندو آهي، هنن جي وچ ۾ ايتري وٿي هوندي آهي جو انهن جي وچ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ وارا هيڊز (Reading Writing heads) حرڪت ڪري سگهن (مطلب ڊيٽا کي ٽريڪس تان پڙهي لکي سگھن). جڏهن عمودي يا اڀي شافٽ حرڪت ڪندي آهي ته ڊسڪ به هڪ مقرر رفتار تي ڦرندي آهي. ۽ اهڙي نموني ڊيٽا جي ريڊنگ ۽ رائيٽنگ جو عمل ٿيندو رهندو آهي. <br />
هيٺ ڏنل تصويرن ۾ هڪ طرف مڪمل ڊسڪ جو ڍانچو ڏيکاريل آهي جنهن ۾ مختلف ڊسڪز هڪ شافٽ تي/۾ رکيل/نسب ٿيل ڏيکاريل آهن، ۽ ٻئي طرف هڪ ڊسڪ جي مٿاڇري صطح ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ٽريڪز (بند گول دائرا) ڏيکاريل آهن، هي ٽريڪز ايترا ته سنهڙا هوندا آهن جو اسان کي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن.
 
===== 2. ڊسڪيٽ (Diskette): =====
 
ڊسڪيٽ هڪ پلاسٽڪ جيڪيٽ (ڪوَرَ) اندر بند هوندي آهي، هيءَ ننڍي ۽ لچڪدار پلاسٽڪ جي ڊسڪ هوندي آهي، جنهن جي مٿان ميگنيٽڪ آڪسائيڊ جو تهه چاڙهيو ويندو آهي، جنهن تي ڊيٽا محفوظ ٿيندي آهي. ڊسڪيٽس کي فلاپي ڊسڪ به چئبو آهي. هنن جو بنياد بلڪل وڊيو ڪيسيٽ جي اصولن تي رکيو ويو آهي. فلاپي ڊسڪس ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪ جو قطر ساڍا ٽي انچ ½ 3 هوندو آهي، (هيءَ اڄ ڪلهه عام استعمال ۾ هوندي آهي) ۽ ٻيءَ جو قطر ¼ 5 هوندو آهي. (هنن جو استعمال اڄ ڪلهه گھٽ ٿيندو پيو وڃي). هنن قسم جون ڊسڪون 1970 ۾ پهريون ڀيرو منظر عام تي آيون ۽ آءِ بي ايم يعني (International business machines) جي ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ڪيون ويون. هنن کان پهريان هنن کان پنجوڻ (پنج دفعا) وڏي سائيز جون ڊسڪون هونديون هيون. هنن جو موجد ”ايل شورٽ“ آهي.
هن کا علاوه هڪ قسم جي ٻي ڊسڪ به هوندي آهي جنهن کي ڪمپيڪٽ ڊسڪ (Compact Disk) يا سي ڊي چوندا آهن. ڊسڪيٽ ذريعي ڊيٽا کي هڪ ڪمپيوٽر کان ٻئي ڪمپيوٽر تائين آسانيءَ سان منتقل ڪري سگھجي ٿو.
 
===== 3.هارڊ ڊسڪ (Hard Disk): =====
 
هارڊ ڊسڪ جنهن کي فڪسڊ ڊسڪ به چيو ويندو آهي. هن کي سي پي يو باڪس ۾ اندر مين بورڊ سان ڳنڍيو ويندو آهي، هڪ پيڪ (جنهن ۾ ڊسڪز يا پليٽرس/پليٽس جو مختلف تعداد (عموما ٻه کان اٺ هوندو آهي) ان سڄي پيڪ کي هارڊ ڊسڪ جو نالو ڏنو ويو آهي، هڪ هارڊ ڊسڪ ميگنيٽڪ آڪسائيڊ سان گڏ ڌاتوءَ جي پليئر ڪوٽ جي هوندي آهي، هارڊ ڊسڪون ڪيترن ئي مختلف سائيزن ۾ دستياب هونديو آهن، هر هڪ هارڊ ڊسڪ تي ايڪسيس آرم (Access Arms) تي ٻه پڙهڻ ۽ لکڻ جا هيڊز هوندا آهن. هنن کي ڌاتوئي ڪوَرَن ۾ اهڙي طرح محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن مٽي يا ڌوهين وغيره جو ننڍي کان ننڍو ذرڙو به هنن ۾ اندر داخل ٿي نه سگھي ۽ ڊسڪ تي مشتمل ٽريڪس وغيره کي نقصان نه پهچائي. هارڊ ڊسڪ جي اڄ ڪلهه پرسنل ڪمپيوٽرن ۾ گنجائش تمام وڌندي پئي وڃي، شروع شروع ۾ هارڊ ڊسڪ جي گنجائش 100 ميگا بائيٽس يا ايم بي هوندي هئي، پر هاڻي ته هارڊ ڊسڪ جي گنجائش گيگا بائيٽس ۽ ٽيرا بائيٽس تائين پهچي چڪي آهي.
 
===== 4.آپٽيڪل ڊسڪ اسٽوريج (Optical Disk Storage): =====
 
اڄ ڪلهه زمانو ايترو ته تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي جو هر سال يا هر ڇهن مهينن بعد هڪ نئين ٽيڪنالاجي اچي وڃي ٿي، خاص ڪري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ سافٽويئر ۽ هارڊ ويئر جي جوانيءَ واري عمر وڌ ۾ وڌ ڇهه مهينا يا هڪ سال هوندي آهي، يعني ان عرصي بعد/دوران انهن کان وڌيڪ صلاحيتن ۽ طاقت تي مشتمل ٻي پروڊڪٽ انهن جي جاءِ والاريندي آهي. اهڙي نموني ئي سيڪنڊري اسٽوريج جي لاءِ هڪ نئي ڊسڪ جنهن کي ڪمپيڪٽ ڊسڪ (compact Disk) چئجي، متعارف ٿي هئي. جنهن کي اسان سي ڊي جي نالي سان سڏيندا آهيون. هن ڊسڪ کي آپٽيڪل ڊسڪ (Optical Disk) چوندا آهن، ڇو ته هن ڊسڪ کي بنائڻ لاءِ ليزر بيم (laser Beam) ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي آهي، يعني ليزر هٽ جو ڌاتوئي ڪوٽ/ڪوَرُ/صطح ڊسڪ جي مٿان وڇايو ويندو آهي، جنهن جي صورت آئيني/شيشي جهڙي هوندي آهي. هن تان ڊيٽا کي ليزر جي ذريعي پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي، اهڙو ليزر ڊسڪ کي اسڪين ڪندو آهي، ۽ لينسز ذريعي مختلف روشنيءَ جا عڪس کڻندو/پڙهندو آهي، جهڙوڪ ڪنهن فلم يا ڊرامي وغيره جا عڪس، انهن جي گرافڪس به ايتري ئي صاف ۽ خوبصورت هوندي آهي.
 
====== سي ڊي روم ڊرائيو ڇا آهي………؟ ======
 
سي ڊي روم ڊرائيو ڪمپيڪٽ ڊسڪ (سي ڊيءَ) کي آپريٽ (هلائيندڙ) ڊوائيز جو نالو آهي. سي ڊي روم پراڻي زماني ۾ استعمال ٿيندڙ رڪارڊ (فونو) جي طرز جي ٺهيل هڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر ڊوائيز آهي. عام طور تي اسان ڪمپيوٽر جا مڙئي پروگرام جهڙوڪ آپريٽنگ سسٽم، ايپليڪيشن سافٽ ويئر، موسيقي، فلمون، ملٽيميڊيا، گيمز وغيره سي ڊي روم ڊرائيو ذريعي ئي ڪمپيوٽر ۾ داخل ڪندا آهيون.
 
===== 5.ميگنيٽڪ ٽيپ اسٽوريج (Magnetic Tape Storage): =====
 
ميگنيٽڪ ٽيپ پلاسٽڪ تي مشتمل هوندي آهي، جنهن کي آئرن آڪسائيڊ سان ڪوَر ڪيو (تهيو) ويندو آهي، ڪمپيوٽرن ۾ ميگنيٽڪ ٽيپ اسٽوريج، ڊيٽا کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٽيپ تي پڙهڻ يا لکڻ جو عمل هن طريقي سان ٿيندو آهي ته ٽيپ هيڊز (پڙهندڙ يا لکندڙ برقي اوزار) جي هيٺان گذرندي آهي، ۽ ڊيٽا ان جي ڊيگهه طرف متوازن ٽريڪس يا چينلن ۾ لکيو ويندو آهي. هن قسم جا ٽيپ عام طور تي مين فريم يا مني ڪمپيوٽرن ۾ استعمال ٿيندا آهن.
 
====== ملٽي ميڊيا ڇا آهي…..؟آهي======
 
جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته هاڻي ڪمپيوٽر ڪنهن هڪ ڪم يا هڪ فيلڊ تائين محدود نه رهيو آهي، هن جو استعمال هر هنڌ آهي. ڪمپيوٽر جي اهميت اسان ان ڳالهه مان لڳائي سگھون ٿا ته مائڪروسافٽ ڪمپنيءَ جي بانيءَ بل گيٽس چيو آهي ته ” ايندڙ دور انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو هوندو، ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي ڪمپيوٽر بابت ڄاڻڻ نه ٿا چاهن يا انهن کي ڪمپيوٽر بابت معلومات نه هوندي اهي ايندڙ وقت ۾ ضرور پڇتائيندا“. ها جيئن ته ڳالهه پئي ڪئي سين ته ملٽي ميڊيا ڇا آهي، ڪمپيوٽر جو ڪردار هر فيلڊ ۾ مختلف ۽ اهم آهي، پر هيءَ اهڙي مشين آهي جنهن کي جديد تعليم (علم) سان گڏ تفريح لاءِ به وڏي اهميت حاصل آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان به خوبي لڳائي سگھجي ٿو ته ڪمپيوٽر جي چاهڻ وارن لاءِ اهي سڀئي تفريحون هن ۾ شامل ڪيون ويون آهن جيڪي اسان پنهنجي روز مره جي زندگيءَ ۾ فارغ وقت ۾ پاڻ کي انٽرٽينٽ ڪرڻ استعمال ڪندا آهيون. مثلاً: صرف هڪ ڪمپيوٽر اسان کي ٽيپ رڪارڊر، ٽيلي ويزن، وي سي آر، ايمپلي فائر، سي ڊي ۽ ڪئبل جون مڙئي سهولتون بهتر انداز ۾ مهيا ڪري ڏئي سگھي ٿو. هاڻي توهان سوچيو ته جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل صرف تفريح لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي گڏيل قيمت جي نسبت ڪمپيوٽر (جنهن مان تفريح سان گڏ بيشمار ٻيا ڪم به وٺي سگھجن ٿا) جي قيمت ڪيتري گھٽ آهي، ان ڳالهه مان اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڪنهن به شعبي ۾ نه صرف پوئتي نه آهي، هر شعبو ڪمپيوٽر کان سواءِ اڻ پورو آهي. ملٽي ميڊيا تي اهو نالو ان ڪري رکيو ويو آهي ته ڪمپيوٽر ۾ ملٽي ميڊيا جا مختلف ڪم آهن، جهڙوڪ: سائونڊ سسٽم، سي ڊي روم، ايم پي اي ۽ وي جي اي ڪارڊ (وڊيو ڊسپلي ڪارڊز)، اسپيڪر وغيره هن جا مکيه حصه آهن، ۽ انهن ملٽيميڊيا اوزارن تحت اسان، مختلف ۽ دلچسپ گيمز، فلمون، اينيميشنز، پريزنٽيشنز، موسيقي، لک پڙهه وغيره ڪري سگهون ٿا.