موهن جو دڙو (فلم): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 22:
{{مبسس4}}
'''موهن جو دڙو''' هڪ ڀارتي [[مهم جوياڻي فلم|مهم جوياڻي]] رومانوي فلم آهي، جنهنکي اشوتوش گواريڪر (Ashutosh Gowariker) لکيو ۽ هدايتون ڏنيون آهن۔ فلم کي سڌارٿ راءِ ڪپور (Siddharth Roy Kapur) ۽ سونيتا گواريڪر (Sunita Gowariker) پروڊيوس ڪيو آهي، جڏهن ته ريتيڪ روشن (Hrithik Roshan)، پوجا هيگڙي (Pooja Hegde) مرڪزي ڪردار نڀائيو آهي.
==پس منظر==
 
فلم 2016 سالَ قبل مسيح ۾ [[سنڌ جي تهذيب|وادي سنڌ جي تهذيب]] جي هڪ تاريخي شهر [[موئن جو دڙو]] جي باري ۾ آهي۔ هي هڪ اهڙي شخص جي آکاڻي آهي، جيڪو پوڄاريءَ جي ڌيءٌ جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. رومانوي داستان جي ذريعي موئن جو دڙو جي ثقافت ۽ قديم تهذيب پيش ڪرڻ جي لاءِ گواريڪر کي هن فلم جي تياري ۾ ٽن سالن جو وقت لڳو، جنهن ۾ هُن پراڻن آثارن جي اُنهن ماهرن جي مدد ورتي جِن جي زندگي [[سنڌ]] جي تهذيب تي تحقيق ڪندي گزري آهي۔ فلم جي عڪسبندي ڀوج ۽ [[ممبئي]] ۾ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه منظر جبل پور ۽ ٿاني ۾ فلمايا ويا آهن.
==فلمسازي==
 
فلم جي موسيقي ۽ گيتن جو مجموعو اي آر رحمان (A. R. Rehman) ترتيب ڏنو، جڏهن تہ گيتن جا ٻول جاويد اختر (Javed Akhtar) لکيا آهن. فلم، ڀارت (جتي جي فلم سازن هيءَ فلم ٺاهي) ۽ پاڪستان (جتان هن قديم شهر جا آثار ملن ٿا) جي يومِ آزاديءَ جي مناسبت سان 12 آگسٽ 2016ع تي سڄي دنيا ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي وئي.
==ايوارڊ==
 
سينيمائن ۾ عوام جي ڏسڻ کان پهريائين ئي، فلم کي سوئٽزرلينڊ جي 69 هين [[لوڪارنو بين الاقوامي فلم ميلو|لوڪارنو بين الاقوامي فلم ميلو]] جي لاءِ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿي چُڪو آهي، ۽ ان کي لوڪارنو ايوارڊ جي تقريب کان پهرين 13 آگسٽ 2016ع تي ڏيکاريو.