سائنس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{f}}
{{مبسس4}}
'''سائنس'''، لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ يا معلومات. يعني مشاهدي ۽ تجربن جي آڌار تي حاصل ٿيندڙ علم کي سائنس چئبو آهي.
 
ڪيترائي سوال انساني ذهن ۾ اُڀرندا رهن ٿا. ظاهر آهي ته جڏهن به ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪي سوال پيدا ٿيندا ته سندس ذهن انهن جا جواب به ڳوليندو. انهيءَ ذهني ڳولا ۽ جاچ کي عام سائنسي ٻوليءَ ۾ ”سائنسي کوجنا“ ڪوٺيندا آهن. قرآن پاڪ ۾ ته ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل آهي ته ”اي انسان، تون سج، چنڊ، تارن ۽ مُندن تي ويچار ڇو نٿو ڪرين؟“
 
ڏاها ماڻهو قدرت جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا, يعني کوجنا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت آخرڪار پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڳولي لهندا هئا. هر کوجنا کان پوءِ کين نئين نئين ڄاڻ ملندي هئي. اِن سوچ ۽ کوجنا واري عمل کي ئي '''سائنس''' چئجي ٿو. '''سائنس''' نئين دؤر جو لفظ آهي. ڪابه شيءِ هڪدم وجود ۾ ڪانه ٿي اچي، اُن لاءِ ورهين جا ورهيه جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين به ناهي ته هر ڪا کوجنا، هر ڪا جاکوڙ هڪ ئي وقت ۾ هڪ انسان جي هٿان ٿي ٿئي. پهرين ڪنهن انسان کي اندر مان ڪو ويچار ايندو آهي، اُن ويچار کي ڏسي، ٻڌي، ٻيو ماڻهو وري ٻه وکون اڳتي وڌندو ۽ پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌي، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي وڃي پڄندو، نتيجي ۾ ڪانه ڪا نئين شئي وجود ۾ اچيو وڃي.
 
هر نئين ڳالهه تي ڪجهه اعتراض، ڪجهه پسند ۽ ڪجهه ناپسند جو اظهار پڻ ٿيندو آهي، پر پوءِ نيٺ ان کي قبوليو ويندو آهي. ڪنهن به شيءِ ۾، ڪوبه ڦيرو يا تبديلي، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن يا هڪ اڌ سال ۾ ڪانه ٿي اچي. مثال طور، اڍائي هزار سال اڳ کِنوڻ بابت، ماڻهن کي ڪجهه ڄاڻ پئي، پر اُها ائين هئي، ڄڻ ڌُنڌ مان ڪنهن شيءِ جو خاڪو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ پوءِ اُن خاڪي جي پڌري ٿيڻ ۽ عملي شڪل ۾ اچڻ تائين تمام ڊگهو عرصو لڳي ويو. اُن جو سبب اهو هو ته اُن وقت ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جون ايتريون سهولتون ڪونه هيون، جيتريون اڄ آهن. ٻيو ته ٺهيو، پر ماڻهن جو رڳو هڪٻئي سان ملڻ به ڏاڍو ڏکيو هو، ڇو ته مسافري ڪرڻ ڪا سَــــوَلي ڳالهه ڪانه هئي. اُن زماني ۾ اڄ وانگر ڪٿي ڪو ٽيليفون، ڪو ريڊيو، ڪا ڏُور ڏسڻي، ڪا اخبار، ڪو ڪتاب ڪو نه هئو، جو ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجي ڄاڻ يا واقفيت بابت ٻڌائي سگهن. ائين ٿيندو هو، جو ڪنهن ماڻهو ڪا نئين ڳالهه ڪٿي ڏٺي يا ڄاتي ته اُها وٽس ئي رهندي هئي ۽ گهڻو ڪري سندس مرڻ سان اُها اُتي ئي ختم ٿي ويندي هئي. ورهين کان پوءِ، ڪنهن ٻئي ماڻهو کي، اُن ساڳيءَ ڳالهه، يا اُن جهڙيءَ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي کوجنا ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪم ڪرڻو پوندو هو ۽ کيس پراڻيءَ ڄاڻ ما ڪو به فائدو حاصل ڪو نه ٿيندو هو. هوڏانهن وري کوجنا ۽ تلاش جو ڪم ٿيندو ئي ائين آهي، جو ڪنهن ڪا ڳالهه سمجهي، ڪنهن وري اُن سمجهيل ڳالهه کي وڌيڪ سمجهيو، سوچيو ۽ اُن ڳالهه، اُن خيال کي وري ڪنهن ٻئي وڃي ماڳ تي رسايو، ۽ پاڻ اڳتي وڌي اُن مان بنهه ڪا نئين ڳالهه ڳولي ورتي، ڪا نئين شيءِ جوڙي ورتي. اهڙيءَ طرح نئين شين جي کوجنائن جو سلسلو هلندو رهي ٿو. پر اُن زماني ۾ اِهي سڀ ڳالهيون تمام ڏکيون هيون ۽ اُنهن جي اُن ”ڏکيائي“ جي ڪري ئي اڄڪلهه واريون ”سـولائيون“ اسان کي مليون آهن. اڄ اسين هزارين ميلن جي پنڌ تان هڪٻئي سان ڳالهائي سگهون ٿا، اهڙيءَ طرح هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هر پاسي روشني پکڙجي وڃي ٿي. سالن جو سفر ڪلاڪن ۾ پورو ٿي سگهي ٿو.
 
گذريل هڪ سؤ سالن ۾ ئي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو عقل حيران آهي. لاتعداد شيون ايجاد ٿيون آهن، ۽ اسين هينئر به ائين نٿا چئي سگهون ته اڳتي هلي ڪجهه ايجاد نه ٿيندو؛ اسان کي پڪ آهي ته وقت سان گڏوگڏ نيون ايجادون ٿينديون، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سائنس کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ۽ هر علم جو مطالعو به جاري رکيو وڃي. <ref>http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Science_n_Tech/Book5/Book_page1.html</ref>
<ref>ڪتاب: برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون، محمد عثمان ڏيپلائي</ref>
{{ڪچو}}
 
{{حوالا}}
 
 
[[زمرو:سائنس]]