حب ندي: جي ورجائن ۾ تفاوت

پاڪستان ۾ درياھ
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''حب ندي''' ڪراچيءَ کان ست ڪوهه پري پٻ جبل جي اتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻه سؤ چا...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 06:29, 5 سيپٽمبر 2016ع

حب ندي ڪراچيءَ کان ست ڪوهه پري پٻ جبل جي اتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻه سؤ چاليهه ميلن تائين پٽ پُسائيندي ڪراچيءَ جي پريان ڪيپ مانز (راس ڪماريءَ) وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. حب ندي ماضيءَ جي قديم سنڌ مان ۽ هينئر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد وٽان وهي سمنڊ ۾ پوي ٿي. يعني حب نديءَ جو اوڀر وارو پاسو سنڌ ۾ ۽ اولهه وارو پاسو هن وقت بلوچستان ۾ آهي. حب نديءَ جو دارومدار کيرٿر جبل تان هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ تي آهي، جڏهن کيرٿر ۽ بلوچستان جي ٻين جبلن تان پاڻي مختلف نئين جي صورت ۾ گڏ ٿي حب نديءَ ۾ پوي ٿو، تڏهن حب نديءَ جي پاڻيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. حب ندي سنڌونديءَ کان به وڌيڪ تيز وهندڙ ندي آهي.[1]

حوالو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012