اسڪندر مرزا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ميجر جنرل اسڪندر مرزا 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو، 6 -آڪٽوبر- 1955ع کان 23 مارچ 1956ع تائين پاڪستان جو گورنر جن...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
ميجر جنرل اسڪندر مرزا 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو، 6 -آڪٽوبر- 1955ع کان 23 مارچ 1956ع تائين [[پاڪستان]] جو گورنر جنرل، 23 مارچ 1956ع کان 27 -آڪٽوبر- 1958ع تائين ملڪ جو صدر رهيو. سيد -اسڪندر مرزا- 13 نومبر تي مرشد -آباد- -بنگال- ۾ ڄائو هو. سيد محمد فتح علي جو پٽ هو، جيڪو -بنگال- جي آخري نواب منصور علي خان جو پوٽو هو. ائين -اسڪندر مرزا- جو شجرو مير جعفر سان ملي ٿو. سندس ننڍپڻ -بمبئي- ۾ گذريو، شروعاتي -تعليم- ايلفُنسٽن ڪاليج مان ۽ پوءِ -بمبئي يونيورسٽي- مان حاصل ڪئي. بعد ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي سئينڊهرسٽ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد برطانوي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ فرض انجام ڏيندو رهيو. ڪجهه سال فوج ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو سول سروس ۾ شامل ٿيو، مختلف قبائلي علائقن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور نوڪري ڪرڻ بعد 1946ع ۾ پهرين جوائنٽ ڊفينس سيڪريٽري ۽ پوءِ ڊفينس سيڪريٽري ٿيو. برٽش انڊين آرميءَ کي انڊين ۽ -پاڪستان- آرميءَ ۾ ورهائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. -پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ -اسڪندر مرزا- کي هن نئين ملڪ جو سيڪريٽري دفاع مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ کيس هنگامن ۽ سياسي بيچيني روڪڻ لاءِ -اوڀر- -پاڪستان- جو گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن محمد علي بوگرا وزير اعظم ٿيو ته پاڻ وزير داخلا ٿيو. 1955ع ۾ قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. سندس ئي دور ۾ -اوڀر- -پاڪستان- کي اولهه -پاڪستان- سان برابري ڏيڻ جي نالي ۾ اولهه -پاڪستان- جي سمورن صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. -اسڪندر مرزا- ون يونٽ جو وڏو حامي هو ۽ ذاتي طور مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار رکڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. -ان- جي باوجود 1956ع ۾ هن جو جهڪاءُ مذهب ڏانهن گهڻو هو. -اسڪندر مرزا- جڏهن گورنر غلام محمد کي هٽائڻ بعد گورنر جنرل ٿيو -ان- زماني ۾ هن ٻي شادي ناهيد مرزا سان ڪئي. ناهيد مرزا ايراني خاتون هئي، جيڪا -ان- کان اڳ -ايران- ۾ -پاڪستان- جي فوجي اتاشي جي زال هئي.
1956ع ۾ جڏهن -پاڪستان- جو پهريون -آئين- ٺهيو ته -اسڪندر مرزا- ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. سندس صدارت جي ٻن سالن دوران ملڪ سخت سياسي انتشار جو شڪار رهيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ چار وزيراعظم آيا. 1958ع ۾ جڏهن -اسڪندر مرزا- ڏٺو ته 1956ع جو -آئين- ملڪ ۾ گهوٽالي جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو. هن -ايوب خان- کي ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ڪيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ -ايوب خان- -اسڪندر مرزا- کي هٽائي پاڻ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو. -اسڪندر مرزا- کي جلا وطن ڪيو ويو. کيس پهرين زال مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن، جڏهن ته ٻي زال ناهيد مان ڪو به اولاد نه ٿيس.
مرزا 1969ع ۾ وفات تائين لنڊن ۾ جلا وطني جي زندگي گذاري. سندس وفات وقت يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هئي، جنهن سندس ميت -پاڪستان- آڻڻ ۽ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني. بعد ۾ سندس لاش -تهران- نيو ويو، -جتي- شاهه -ايران- حڪومت جي سربراهه وانگر سندس -تدفين- ڪئي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%DA%AA%D9%86%D8%AF%D8%B1%20%D9%85%D8%B1%D8%B2%D8%A7</ref>