انسان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[File:Young muslim woman in the Thar desert near Jaisalmer, India.jpg|thumb|ٿر ۾ هڪ نوجوان مسلمان ناري]]
 
'''انسان''' ([[lan-en|انگريزي]]: Human) (سائنسي نالو: Homo sapiens) جو لفظ [[زمين]] تي ملندڙ ان [[نوع]]ِانساني [[حيات]]نسل جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھيآھي، جيڪا [[جنس]] [[انس|انس (homo)]] سان تعلق رکي ٿي ۽ [[دنيا|دنيا]] ۾ ملندڙ ٻين تمام تر انواع حيات کان برتر [[دماغ]] رکي ٿي۔ انسان چورائيندڙ مخلوق جي سڃاڻپ ان جي سڌي بناوٽ ا۽ ٻن [[ٽنگ|ٽنگن]] سان ھلڻ واري مخلوق جي طور تي با آساني ڪري سگھجي ٿي. وڌيڪ اھو تہ ھي نوعِ حياتِ انسان ھڪ [[معاشريات|معاشرتي]] مخلوق ھجڻ سان گڏوگڏ [[شعور|شعور (consciousness)]] ۽ [[ادراڪ|ادراڪ (cognition)]] ۾ ٻين تمام مخلوقن جي نسبت اعليٰ معيار تائين پھتل مخلوق آھي۔ انسان کي [[آدم عليه السلام|آدم]] جي مناسبت سان [[عربي ٻولي|عربي]] ۽ [[فارسي]] ۾ آدم به چيو ويندو آھي ۽ ان جي لاءِ بشر جو لفظ به استعمال ڪيو ٿو وڃي۔ آدم ۽ بشر جي طرح انسان جو لفظ به [[سنڌي]] ۾ [[عربي]] ٻوليءَ کان آيو آھي، ان ئي لفظ انس سان ناس ۽ مرڪب لفظ عوام الناس وغيره به تخليق ڪيا وڃن ٿا۔ [[قرآن]] ۾ به ھن [[نوع]] [[حيات]] جي لاءِ انسان سان گڏوگڏ ٻيا لفظ استعمال ٿيا آھن؛ جن ۾ ھڪ انس ([[سورۃ الرحمٰن]] [[آيت]] 39) به آھي۔
 
 
سِٽَ 16:
 
ماڻهوءَ جو پنڌ ايڏو ڊگهو آهي، جو ايئن چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته هن آدجڳاد کان پنڌ ڪيو آهي. ان پنڌ دوران هن ثقافتن جا ابتدائي پٿر رکيا. اوزار ٺاهيا ۽ نشان ڇڏيا. ان ئي پنڌ دوران هن پيليوليٿڪ دؤر ۾ پنهنجي پير جو سچو پچو نشان به ڇڏيو آهي. اسان شايد ان کي انساني پير جو قديم ترين نشان چئي سگهون. اهو نشان اٽليءَ ۾ نانا دي لا باسورا وٽ آهي، جيڪو کڙيءَ کان آڱوٺي تائين اٽڪل 20 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ پٻن وٽ 10 سينٽي ميٽر ويڪرو آهي. هي پيليوليٿڪ ماڻهو ۽ ان کان پويان نسل ڪير هئا ۽ سندن جيئڻ جو ڍنگ ڪيئن هو؟ اهو تمام ڳوڙهو اڀياس ٿي سگهي ٿو. هو ڪهڙي قسم جا اوزار ٺاهيندا هئا؟ ڇا کائيندا هئا؟ پهريندا هئا؟ ڪيئن شڪار ڪندا هئا؟ ڇا هنن جو ذهن هڪ تخليقڪار جو ذهن هو؟ هنن جو ڪٽنبي سرشتو ڪيئن هو؟ اهڙو اڀياس سنڌ يا اپکنڊ جو چڱيءَ طرح ڪونه ٿيو آهي. هتي ڪوشش ڪبي ته اوائلي ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي جو اهو اڀياس جيڪو يورپ ۽ آفريڪا جي حوالن سان ٿي چڪو آهي، ان تي هڪ نظر وجهجي. گهڻو ممڪن آهي ته ان سان سنڌ جي پيليوليٿڪ، ميسو ليٿڪ ۽ نيوليٿڪ لوڪن جي رهڻي ڪرڻي بابت ڪو اندازو لڳي سگهي. محققن جي آڏو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ آهي ته هو پهريون آدم ڪنهن کي چون؟ ايئن ته هو راماپٿيڪس، آسٽرالوپٿيڪس، هومو هيبلس ۽ هومو اريڪٽس نالي مخلوقن جي درجي بندي ڪري چڪا آهن، پر مشڪل اها آهي ته جديد تحقيق ڪن اوزارن کي ايترو پراڻو ثابت ڪري ٿي جو هومو مخلوقن جي وجود کان ڳالهه ٽپي پوئتي هلي ٿي وڃي. جيڪڏهن پهريون اوزار ٺاهيندڙ مخلوق کي آدم چئجي تڏهن به اهو طئه نٿو ڪري سگهجي ته ڪهڙي نسل سڀ کان پهرين اوزار ٺاهيا. اصل، ۾ راماپٿيڪس مخلوق جيڪا 14 کان 8 ملين سال اڳ موجود هئي ۽ ان کان پوءِ اسٽرالوپٿيڪس آفريڪانوس (ڏکڻ وارو بن مانس جيڪو آفريڪا ۾ هو) جيڪو 5 ملين سال اڳ ۾ هو، جي وچ جون ڪيئي ڪڙيون ٽٽل آهن. هن کان پوءِ هومو هيبلس (Homo Habilis) آهي، يعني هٿن وارو ماڻهو، جيڪو 2 ملين سال اڳ هو. جيئن ته اهو آسٽرالوپٿيڪس سان ويجهڙائي رکندڙ هو تنهنڪري ان کي آسٽرالوپٿيڪس هيبلس به چيو ويو. انهن ٻن نسلن جي وچ ۾ به وقت جو وڏو فاصلو آهي.
 
ان کان پوءِ اڀو انسان (Homo Erectus) آهي، جنهن جو مغز هاڻوڪي انسان کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا ننڍو هو، نه کاڏِي هئس ۽ نه وري پيشاني. اها 15 لک سال اڳ جي ڳالهه آهي ۽ نيٺ آخري منزل باشعور انسان (Homo Sapiens) جي آهي، جنهن جي ڪهاڻي به اڍائي لک سالن کان جاري آهي.
 
Line 157 ⟶ 158:
 
حياتيات جي اصولن جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خود انهن دليلن جي نفي ٿيندي نظر اچي ٿي. انسان جي رنگ جي تبديلي جسم جي جيوگهرڙن تي اُس جو اثر آهي، جنهن سبب جسم ۾ ڪي خاص مادا متحرڪ ٿي ماحول موجب چمڙيءَ جي رنگت يا يا ڪم بدلائين ٿا. اهڙيءَ طرح قد ڪاٺ جو فرق به آهي، جنهن جا سڀ تفصيل چڱيءَ طرح سامهون نه آيا آهن.<ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Human</ref><ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%B3%D8%A7%D9%86</ref>
 
ڌرتيءَ جو سڀني کان بزرگ يا سينيئر ساهوارو انسان ناهي، ٻيا آهن. پٿر جي دؤر جو انسان 10 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هو، پر هو ڄڻ نو وارد هو، ڇو ته کير ڏيندڙ جانور کانئس ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ۽ مڇيون کانئس 20 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هيون.
 
دنيا لازمي طرح ۽ اٽل نموني ترقي ڪري رهي آهي. “ڪين” مان “ڪجهه” بلڪه تمام گهڻو “ڪجهه” پيو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته اربين سال سج جو اٿاهه پاڙو زندگيءَ کان خالي ۽ ويران هو. پوءِ ڌرتي پيدا ٿي. اتي به سوين ڪروڙ سال زندگيءَ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. پوءِ نيٺ زندگي پيدا ٿي، پر وڻن ٽڻن جي صورت ۾. جڏهن جانور پيدا ٿيا، تڏهن به ڪروڙين سال ڌرتيءَ جون مالڪ اهڙيون اجگر بلائون هيون، جن کي پنهنجن ٻچن جي سنڀال ۽ پرگهور جي به ساڃاهه ڪانه هئي. ماڻهو پيدا ٿيو ته اهو به پهرين وحشي آدمخور قسم جو هو. انهن ڀيانڪ ۽ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن مان ترقي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿيو. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=281</ref>
 
 
{{Commonscat|Homo sapiens}}
 
=={{حوالا==}}
 
[[زمرو:انسانيات]]
[[زمرو:انسان]]
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:سائنس]]