ميگئسٿنيز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''سڪندر يوناني''' (سڪندر اعظم) جي تباهي ۽ ڦرلٽ کانپوءِ، بهار جي موريا گهراڻي جي '''راجا گپت''' [[سنڌ]] ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. چندر گڀت، ٽئڪسيلا جي مڪتب مان علم پرايو ۽ سڪندر يونانيءَ جي فوجي جوڙجڪ ۽ جنگي فتحن جي باري ڄاڻ رکندو هو. هن مُڱد جي نندا خاندان جي پوئين راجا مها پدما کان 322 ق. م ۾ مُڱد کَٽڻ کان پوءِ سنڌ مان، يونانين کي ڀڄائي هڪ مضبوط سلطنت جو پايو وڌو. هن جي گادي جو هند پاٽلي پتر (پٽنا) هو ۽ سندس سلطنت اولهه ۾ هرات تائين پکڙيل هئي. هن جي ڏينهن ۾، سڪندر يوناني جي هڪ فوجي جرنيل سيليوڪس [[سنڌ]] تي ڪاهه ڪئي، پر سنڌي لشڪر جي بهادري ۽ فوجي مهارت آڏو کيس مات کائڻي پئي. تنهنڪري ان چندر گپت کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏئي، ساڻس مائٽي ڳنڍي پنهنجي جان بخشي ڪرائي ۽ پنهنجي هڪ سفير ميگئسٿنيز (Megasthenes) کي سندس درٻار ۾ موڪليائين. جن ڏينهن ۾ ميگئسٿنيز ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ آيو، ان وقت [[سنڌ]] ۾ چندر گپت جي حڪومت هئي ۽ چندر گپت جو وزير اعظم، سنڌ جو ناميارو سياستڪار، فلاسافر ۽ آريو ويڌڪ طلب جو ماهر چاڻڪيا پنڊت هو. جنهن سنڌ ۾ بهترين انتظام لاڳو ڪري رکيو هو. چاڻڪيا پنڊت جي ان سٺي انتظامي مهارت جو احوال هن يوناني سياح جي لکتن مان ملي ٿو.
 
[[سنڌ]] جو مشهور محقق [[ايم ايڇ پنهور]] لکي ٿو ته، ميگئسٿنيز ڪو گهڻو سفر ڪو نه ڪيو، پر پوءِ به هن سڪندر اعظم کان ملڪ جا وڌيڪ حصا ڏٺا. جيڪي ڪجهه لکيو اَٿس، ان جو هندوستان جي ڪن صوبن سان لاڳاپو آهي. جيئن ته ملڪ جون عام حالتون ساڳيون هيون. تنهنڪري ميگئسٿنيز جون ڪجهه لکڻيون [[سنڌ]] سان لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. هن جون لکڻيون نه رڳو دلچسپ آهن پر اهو به ٻڌائين ٿيون ته لکندڙ لائق ماڻهو هو ۽ جيڪو ڪجهه لکيو اٿس ايمانداريءَ سان لکيو اَٿس. جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ به، چندر گپت جي سلطنت جو هڪ پرڳڻو هو. ان ڪري جيڪا انتظامي ۽ سياسي پاليسي مرڪزي حڪومت جي هئي، اها ئي سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ لاڳو هئي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شق ناهي ته ميگئسٿنيز سنڌ نه آيو هوندو.
سِٽَ 21:
 
==اقتصادي حالتون==
ملڪ جون اقتصادي حالتون بيان ڪندي ميگئسٿنيز لکي ٿو ته ماڻهو سکيا ستابا ۽ سٺا ڪاريگر آهن. خاص طور ڌاتن مان شيون ٺاهڻ ۽ ڪپڙو اُڻڻ ۾ قابل آهن. واپارين کي عزت ڏني وڃي ٿي. واپارسمنڊ پار ملڪن جهڙوڪر؛ چين ۽ هندي سمنڊ جي ٻيٽن سان هلي ٿو. اناج جي کوٽ ڪونهي. ميگئسٿنيز جو هي سفرنامو توڻي جو مڪمل ۽ ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڪين ڇپيو آهي. پر مئڪرندل جي ڊبليو (Mccrindle, J. W) جي ڪتاب ”اينشينٽ انڊيا ائيز ڊسڪرائبڊ باءِ ميگئسٿنيز ائنڊ آرين“ (Ancient India as described by Megasthenês and Arrian) ۾ ڇپيو آهي. جتان مورخن سندس مواد کڻي ان جي ڪارگذارين جو ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته ميگئسٿنيز جي هي لکڻي ان دور جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ۽ مذهبي حالتن جو آئينو آهي ته غلط نه ٿيندو. <ref>filehttps://archive.org/C:/Users/bby/Downloadsdetails/%D8%B3%D9%86%DA%8C%20%DA%AF%D9%87%D9%85%D9%86%D8%AF%DA%99%20%D8%B3%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A%20_%20%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D8%A7%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8AAncientIndiaAsDescribedByMegasthenesAndArrianByMccrindleJ.pdfW</ref>
<ref>https://archive.org/details/AncientIndiaAsDescribedByMegasthenesAndArrianByMccrindleJ.W</ref>
<ref>ڪتاب: سنڌ گُهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ</ref>