هيونسانگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{Infobox religious biography |name = Xuanzang |image = Xuanzang w.jpg |birth_date = c. 602 |image_size = 200px |caption = A portrait of Xuanzang |birth_plac...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 39:
 
==جنم==
''هيونسانگ (Xuanzang) [[چين]] جي هونان (Henan) صوبي ۾ سن 596ع ۾ ڄائو.
 
==هيونسانگ جي ياترا==
[[File:玄奘故居.jpg|thumb|left|250px|Xuanzang's former residence in Chenhe Village near [[Luoyang]], [[Henan]].]]
''هيونسانگ ({{zh|c=玄奘}}) جو پيءُ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڌرمي علم جو سٺو ڄاڻو هو. هن جو وڏو ڀاءُ ٻُڌ ڀڪشو هو. هيونسانگ تي به ڀاءُ جو اَثر پيو ۽ هو به ٻُڌ ڌرم جو پوئيلڳ بڻجي ويو. جنهن کان پوءِ هن کي ٻُڌ مذهب جي صحيح ڄاڻ ۽ ان جي بانيءَ جي جنم ڀوميءَ جي ذيارت جو شوق ستائڻ لڳو. ان ڪري هن هند ۽ سنڌ ڏانهن وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو ته جيئن هو ٻُڌ ڌرم جي صحيح اصولن کي سمجهي سگهي. ان زماني ۾ تانگ گهراڻي (Tang) جي حڪومت هئي. اهي ڪنهن کي به علائقي مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. تنهنڪري هيونسانگ لڪي، تاشقند، سمرقند ۽ افغانستان کان ٿيندو ڪشمير پهتو ۽ پوءِ سنڌو نديءَ ذريعي وچئين ميداني علائقي مان ٿيندو، سنڌ پار ڪري هندوستان ڏانهن ويو.
 
==هيونسانگ، سنڌ ۽ نالندا جي خانقاهه==
[[File:Xuanzang route.jpg|thumb|Travel route of Xuanzang in India]]
''ان زماني ۾ مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ٻُڌ ڌرم جا ڪيترائي مندر ۽ پاٺ شالائون هيون. جيڪي ان زماني ۾ علم ۽ هدايت جا اهم مقدس مرڪز هئا. هيونسانگ سنڌ پهچي هتان جي مقدس ٻُد زيارتن جي زيارت ڪئي ۽ پوءِ هو ٻُڌ ڌرم جي پوِتر شهر '''کايا''' يعني '''پٽنا''' پهتو ۽ بنارس ۾ ٿيرٿ جي زيارت ڪيائين. 631ع ۾ هو نالندا جي خانقاهه ۾ ٻُڌ مذهب جي مشهور مولوي، سالا بهادر وٽ پڻ پڙهيو. ان خانقاهه ۾ هو 628ع ۾ آيو ۽ 631ع ۾ اتان ويو. يعني ٽي سال رهي هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ۽ پوءِ ان سڄي تجربي يا يادگيرين جي حوالي سان هڪ ڪتاب لکيو. سندس سفر نامي (travelogue) جي هن ڪتاب ۾ ان زماني جي 138 رياستن يا ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن، رسمن طور طريقن ۽ رواجن جو احوال آهي.
 
==هيونسانگ کان اڳ چيني سياحَ==
''هيونسانگ کان اڳ به ڪن چيني سياحن جو سنڌ ۾ اچڻ ثابت ٿئي ٿو، جن مان فاهيان (Fa-hian) سن ين (Sun-Yun) جو ذڪر ملي ٿو. 138 ملڪن مان 110 هيونسانگ پنهنجي سِر گهمي ڏٺا. هيونسانگ جو هي سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو.
 
==هيونسانگ ۽ ٿيودور ڊي ٻيري==
''ٿيودور ڊي بيري پنهنجي ڪتاب دي سورسز آف چائينيز ٽريڊيشنز ۾ لکي ٿو ته، هيونسانگ جي هيءَ ياترا، چيني تاريخ ۽ ادب جو اهم باب آهي. هن پنهنجي سفر دوران، مقامي فلاسافرن ۽ دانشورن سان بحث مباحثا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ ٻُڌ ڌرم جا 75 بنيادي ترتيب ڏنل هٿ لکيل نسخا (Manuscripts) چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا.
 
 
==هيونسانگ جو سنڌ گهمڻ==
''هيونسانگ [[سنڌ]] جي شهرن اروڙ، سيوڻ ۽ ٻين شهرن ۾ آيو. لئمبرڪ مطابق هو موئن جو دڙو، جهرڪ، ٻميو، سيوهڻ، ٺل، مير رڪن، سن، ٽريڊن جي ڌڙي ۽ ديبل به آيو ۽ اتي ٺهيل عاليشان اسٽوپا به ڏٺائين ۽ ان کان سواءِ ٻيا ننڍا وڏا شهر به گهميو. هن ان وقت جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي طور طريقن، تهذيبي قدرن ۽ روايتن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس سفرنامي ۾ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتون جيڪي ان وقت سنڌ ۾ هيون، اهي جهلڪا ڏيندي نظر اچن ٿيون.
 
==هيونسانگ جو گجرات کان سنڌ ڏانهن سفر==
''هيونسانگ لکي ٿو، ... [[گجرات]] کان اُتر طرف خوفائتي رڻ پٽ ۽ خطرناڪ لَڪن مان لنگهي، اٽڪل 1900 لي يعني 684 ميل پند ڪري، اسان سنڌ پهتاسين. هتان جي زمين اناج پيدا ڪرڻ لاءِ ٺهڪي ايندڙ آهي ۽ هت ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ڪوپر تمام گهڻو آهي. ڍڳن، رڍن، اُٺن، خچرن ۽ ٻين جانوارن لاءِ هتي چارو جام آهي. هتي اُٺ هڪ ٿوهيءَ وارا ٿين ٿا ۽ هتي سنڌ ۾ لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن. لوڻ مختلف دوائڻ ۾ پڻ ڪتب آندو وڃي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽ پورالو آهي، پر اهي آهن ايماندار ۽ سنوان سڌا پر پاڻ ۾ ڪو نه ٺهن. پڙهن ته ٿا پر بنا مقصد جي. ٻُڌ مت جا پوئيلڳ آهن. هتي سنڌ ۾ ڏهه هزار ڀڪشو پکڙيل آهن. سنڌ جي گادي جو هنڌ '''پي شين ڦو''' يعني '''برهمڻ آباد''' آهي ۽ '''بادشاهه رائي سيهرس''' آهي. جيڪو ڏاڍو ايماندار آهي ۽ ٻُڌ مت کي مان ڏيندڙ آهي.
 
==گوتم ٻُڌ جو سنڌ اچڻ==
''هيونسانگ ئي پهريون ليکڪ آهي، جنهن اهو ٻڌايو هو ته، جڏهن '''گوتم ٻُڌ''' هن سنسار ۾ جيئرو هو، تڏهن اهو سنڌ به آيو هو. ان ڪري '''راجا اشوڪ''' جتي جتي به گوتم ٻُڌ جي رهڻ جا نشان لڌا، اُتي '''اسٽوپا''' ٺهرائي ڇڏيا اٿس، '''مها ارهت، اپاگپتا''' به هن ملڪ سنڌ آيو ۽ ٻُڌ ڌرم کي وڌيڪ پکيڙيائين. جتي جتي هو رهيو اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن به سنڌ ۾ اسٽوپا جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.
 
==هيونسانگ، سنڌين جي سماجي ۽ مذهبي زندگي جي باري ۾==
''[[سنڌ]] جي ماڻهن جي سماجي زندگيءَ جي باري ۾ هيونسانگ لکي ٿو ته سنڌو دريا جي ڪناري تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. اهي سڀ مال چاري گذارو ڪن ٿا. اهي نه ڪو شاهوڪار ۽ نه ئي سُڃا آهن. انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اڳي اهي ماڻهو سرڪش هئا پر پوءِ مها ارهت جي پوئيلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع ڪيا ۽ مذهبي زندگي گذارڻ لڳا. پر ڪئين پڙهين گذري وڃڻ کان پوءِ به اڃان تائين انهن جا پٽ پوٽا مذهب کان پري دنيادار ماڻهن وانگر رهن ٿا.
 
==هيونسانگ جي چين ڏانهن واپسي==
''سنڌ جو هيءَ سيلاني 645ع ۾ واپس '''چانگ''' پهتو ته شهر جا ننڍا وڏا سندس آڌرڀاءُ لاءِ شهر جي مک در کان ٻاهر اچي گڏ ٿيا جو هيونسانگ اها رات شهر کان ٻاهر گذاري. '''بادشاهه تائي سانگ''' (Emperor Taizong) هن جو شاهي نموني آڌرڀاءَ ڪيو ۽ کيس هن جي ڪتاب جي ترجمي لاءِ مختلف ٻولين جا ڄاڻو هٿ ڪري ڏنائين. اهو ترجمو ڪيل ڪتاب دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ موجود آهن.
 
==ديهانت==
[[File:Xuan Zang Statue.jpg|thumb|Statue of Xuanzang at [[Longmen Grottoes]], [[Luoyang]]]]
''هيونسانگ 664ع ۾ چين ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
<ref>file:///C:/Users/bby/Downloads/%D8%B3%D9%86%DA%8C%20%DA%AF%D9%87%D9%85%D9%86%D8%AF%DA%99%20%D8%B3%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A%20_%20%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D8%A7%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A.pdf</ref>
<ref>سنڌ گهمندڙ سيلاني، دادا سنڌي، سنڌي ادبي سنگت</ref>
<ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Xuanzang</ref>
 
==حوالو==
 
 
 
 
 
 
 
 
{{حوالا}}