متحده قومي موومنٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Jogi don چوريو صفحو ايم ڪيو ايم ڏانهن متحدهه قومي موومينٽ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
ايم ڪيو ايم هڪ مهاجرن جي سياسي جماعت آهي جنهن جو چيرمين [[الطاف حسين]] آهي.
ايم ڪيو ايم: (اڳوڻي مهاجر قومي موومينٽ ۽ هاڻي متحده قومي موومينٽ) -پاڪستان- جي هڪ سياسي -پارٽي- آهي، جنهن جو مکيه حلقو ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر آهن، -جتي- ورهاڱي کانپوءِ ڀارت کان لڏي آيل آبادي وڏي انگ ۾ رهندڙ آهي. بنيادي طور تي هيءَ جماعت 1947ع کان پوءِ ڀارت کان لڏي آيل ماڻهن جي نمائنده سياسي جماعت طور سڃاڻپ رکي ٿي. پر هاڻي -ان- جو دائرو وڌايو ويو آهي.
سڀ کان اڳ آل -پاڪستان- مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) نالي شاگردن جي هڪ تنظيم 11 جون 1978ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن شاگرد جماعت اڳتي هلي 18 مار چ 1984ع تي ”مهاجر قومي موومينٽ“ نالي سياسي جماعت جي شڪل اختيار ڪئي.
26 -جولاءِ- 1997ع تي -ايم ڪيو ايم- هڪ اعلان ذريعي پنهنجي نالي مان ”مهاجر“ لفظ خارج ڪري، -ان- جي جاءِ تي ”متحده“ لفظ وڌو. هيءَ جماعت پاڻ کي غير مذهبي ۽ سيڪيولر لاڙن جي دعويدار سڏي ٿي. 1988ع کان پوءِ مختلف وقتن ۾ ٿيندڙ چونڊن (1988ع کان 2008ع تائين) هيءَ جماعت -پاڪستان- پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) سان اتحاديءَ طور حڪومت ۾ شامل رهي آهي. جنرل مشرف دور جي 2001ع وارين عام چونڊن کان وٺي اڄ سوڌو سنڌ جي گورنر جو عهدو -ايم ڪيو ايم- جي حمايت يافته شخص وٽ رهندو اچي ٿو.
متحده قومي موومينٽ جو سربراهه -الطاف حسين- آهي، جنهن کي پارٽيءَ وارا عام طور ”قائد تحريڪ“ چوندا آهن. هو 1992ع ۾ ڪن سببن جي ڪري خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري لنڊن هليو ويو هو. -جتي- هن هڪ مڪمل سيڪريٽريٽ قائم ڪري پارٽيءَ جون جيئن واڳون سنڀاليون آهن ته اڃا تائين (2009ع) اتان ئي پارٽيءَ کي هلائيندو رهي ٿو. -پاڪستان- اندر معاملا هلائڻ لاءِ هڪ رابطه ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي. هيءَ جماعت عام چونڊن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن مان اڪثريت ۾ سيٽون کٽندي رهي آهي. 1990ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ هن پارٽيءَ جو هڪ ڌڙو پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويو ۽ -ان- آفاق احمد ۽ عامر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ’-ايم’ايم ڪيو ايم- (حقيقي) جي نالي سان ڌار گروپ ٺاهيو. اهو -باغي- گروپ ڪراچيءَ ۾ -ايم ڪيو ايم- سان سياسي طريقي سان -تضاد- ۾ رهي ٿو. هن وقت متحده قومي موومينٽ -پارٽي- پيپلزپارٽيءَ سان گڏ مرڪز ۽ سنڌ جي حڪومت ۾ شامل آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%85%20%DA%AA%D9%8A%D9%88%20%D8%A7%D9%8A%D9%85</ref>