کيرائين واٽ ڪهڪشان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[File:ESO-VLT-Laser-phot-33a-07 rsz.jpg|thumb]]
 
کيرائين واٽ، مِلڪي ويَ ({{lang-en| '''Milky Way'''}}) يا کير پَٽي ڪهڪشان (اهي لفظ لاطيني لفظن ''Via Lactea'' جو ترجمو آهن، جيڪي وري يوناني لفظن ''Γαλαξίας'' تان ورتا ويا آهن) هڪ پٽيدار گھنڊيدار ڪهڪشان آهي، جيڪا [[ڪهڪشائن جو مقامي گروهه|ڪهڪشائن جي مقامي گروههجهڳٽي]] جو حصو آهي. جيتوڻيڪ اها مشاهدائتي ڪائنات ۾ اربين ڪهڪشائن مان هڪ آهي، پر جيئن ته اها اسان جي گرهه [[ڌرتي]]ءَ جو گھر آهي، تنهن ڪري انسانذات وٽ ان ڪهڪشان جي خاص اهميت آهي. کيرائين واٽ ڪهڪشان جو سنواٽو رات جو آسمان ۾ تجلي جي پٽيءَ جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. تجلن جي ان ظاهري پٽيءَ ڪري ئي کيرائين واٽ ڪهڪشان تي اهو نالو پيو آهي.
 
اسان جو هي سنسار اڻکٽ (اَکُٽُ) آهي. ڄاتل سنسار ۾ کربين کير پٽا (تارن جا جهڳٽا) يا ڪهڪشائون آهن. هر ڪهڪشان جو قدبت ۽ بيهڪ پنهنجي قسم جي آهي. هر کير پٽي ۾ کربين تارا آهن. اسان جو سج به هڪ تارو آهي، جيڪو اسان جي کير پٽي، کرائين واٽ يا مِلڪي ويَ ۾ موجود آهي. اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان جي شڪل ڪيئن آهي؟ اچو ته سمجهون.
سِٽَ 9:
ڌرتيءَ جيان سج جا ٻيا گرهه به پنهنجي سرائِي تي چوڌاري ڦرندي رهندي سج چوڌاري چڪر هڻندا رهن ٿا. سڄو سج منڊل وري کيرائين واٽ ڪهڪشان جي وچ (مرڪز، سَرائِيءَ) چوڌاري چڪر هڻندو رهي ٿو. ڌرتيءَ کي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۾ هڪ ورهه لڳي ٿو، ته سج کي پنهنجي کير پٽي جي مرڪز جي چوڌاري چڪر پورو ڪرڻ ۾ 2200 لک سال لڳي وڃن ٿا.
 
سج 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان واري ڪهڪشان يعني کيرائين واٽ (Milky way) جي مرڪز جي چوڌاري چڪر هڻي ٿو. سج ان مرڪز کان 26000 نوري سالن جي مفاصلي تي ڦري ٿو ۽ جيئن اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿي، تيئن سج کي ڦيرو ڪرڻ ۾ اڍائي سؤ ملين سال لڳن ٿا. ساڳي وقت سج پنهنجي محور تي به گول ڦرندو رهي ٿو. ڌرتي پنهنجي چوڌاري اهو ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿي، پر سج جنهن جو قطر ({{lang-en| '''Diameter'''}}) ڌرتيءَ کان سؤ ڀيرا وڏو آهي ۽ تور ۾ ڌرتيءَ کان 330،000 ڀيرا ڳرو آهي، ان جو وچيون (Equatorial) حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو ۽ مٿيون ۽ هيٺيون حصو 36 ڏينهن ۾! ڪيترا اهو ئي سوچيندا ته اهو ڀلا ڪيئن؟ سج جي گول بال جو ڪجهه حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪريو وٺي ته ڪجهه حصو 11 ڏينهن وڌيڪ لڳايو ڇڏي! اهو ان ڪري جو ڌرتي يا چنڊ وانگر سج هڪ Solid کينهون يا بال ناهي، پر گئس جو ڦورو آهي. سج هائڊروجن ۽ هيليم گئس جو وڏو بال آهي، جيڪي گئسون لڳاتار ٻرنديون رهن ٿيون. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=140</ref>
 
سڄي کير پٽي يا کيرائين واٽ ڪهڪشان ۾ کوڙ ننڍا ننڍا پَٽا يا واٽون آهن جن مان هر هڪ ۾ لکين تارا آهن. انهن ننڍن پَٽن کي گس يا واٽ سڏيون ٿا. جنهن گس ۾ اسان جو سج سرشتو يا سِج منڊل (نظام شمسي) آهي، اهو اسان اونهاري جي رات جو '''اُڀ''' ۾ سولائيءَ سان ڏسي سگهون ٿا. چوَن ٿا ته اسان جي کيرائين واٽ ڪهڪشان اڃا به ڪنهن مَها ڪهڪشان جو حصو آهي ۽ ان جي مرڪز چوڌاري ڦِري يا چڪر هڻي ٿي.
 
فلڪيات جي ماهرن مطابق اسان جي کيرائين واٽ، مِلڪي ويَ يا کير پَٽي ڪهڪشان ۾ اٽڪل 250 بلين تارا آهن ۽ ماهر فلڪيات وارن جي هڪ اندازي مطابق ان جهڙيون هڪ سؤ بلين ڪهڪشائون هن ڪائنات ۾ موجود آهن. ان حساب سان جيترا ريتيءَ جا ذڙا هن دنيا ۾ موجود آهن ان کان وڌيڪ آسمانن ۾ تارا آهن.
<ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=19</ref>
<ref>سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام</ref>
<ref>ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ</ref>
<references />