نوري سال: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{About|the astronomical structure|other uses}} {{Use mdy dates|date=February 2015}} {{Multiple image |direction=vertical |align=right |width=310|image1=NGC 4414 (NASA-med).jpg...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
 
اسان جي عام پرک موجب بلب روشن ٿيندي ئي روشني جتي ڪٿي پهچيو وڃي، پر حقيقت ۾ روشنيءَ جي به هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل يا لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر آهي. اها روشني هڪ منٽ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي، ان کي چئبو هڪ نوري سال پنڌ. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪندي اها آهي اسان جي کير پٽي يا کرائين واٽ يا مِلڪي وَيَ جي ڊيگهه آهي.
 
جڏهن سان ٽارچ يا بلب ٻاريون ٿا ته ان جي روشني جنهن رفتار سان اڳيان وڌي ٿي ته اها آهي 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ. يعني ڪو ٽارچ ٻاري ۽ ٻيو همراهه ٽي لک ڪلوميٽر پري بيٺل هجي ته هن کي ٽارچ ٻرڻ کان پوءِ پوري هڪ سيڪنڊ بعد ان جي روشني نظر ايندي. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي، ڇو جو چنڊ اسان کان 376300 ڪلوميٽر پري آهي اهڙي طرح سج جي روشني 500 سيڪنڊن ۾ پهچي ٿي ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 150 ملين ڪلوميٽر پري آهي. هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته 500 سيڪنڊ (يعني ساڍن اٺن منٽن) بعد پهچڻ وارو روشني وارو سج اسان کان ڪيترو پري آهي، اتي هڪ مهينو يا هڪ سال بعد پهچڻ واري روشني جو تارو ڪيترو پري هوندو. هڪ نوري سال معنيٰ هڪ سال جا سيڪنڊ ڪڍي ان کي روشنيءَ جي رفتار ”300،000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ“ سان ضرب ڪرڻ سان 9460730472580 ڪلوميٽر ٿيو. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=140</ref>
 
اسين جيڪڏهن کير پٽي يا کيرائين واٽ ({{lang-en| '''Milky Way'''}}) کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي ته (1). مٿان يا هيٺان کان ڏسڻ مهل اهو جرڪيدار جليبي جهڙي ٿالهيءَ ۽ (2). پاسي کان ڏسڻ مهل چُهنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندو. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کيرائين واٽ يا کير پٽي ڪهڪشان جي ڊيگهه هڪ لک نُوري سال ({{lang-en| '''Light-year'''}}) آهي.
Line 13 ⟶ 15:
 
 
[[زمرو:سائنس]]
[[زمرو:فلڪيات]]
[[زمرو:کيرائين واٽ]]