چارلس نيپئر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 8:
 
==سنڌ اچڻ==
[[عڪس:Charles Napiers Order to storm Amarkot Sindh India 1843.jpg|thumb|کاٻو|چارلس نيپيئر جي هٿ لکت]]
ڪراچي پهچڻ کان پوءِ جڏهن سنڌو درياهه رستي ڪراچيءَ کان سکر لاءِ نڪتو ته حيدرآباد وٽ ميرن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. سندس سواريءَ لاءِ سون ۽ چانديءَ سان مڙهيل هڪ پالڪي موڪلي وئي. سر چارلس نيپئر جي ساٿي آفيسرن لاءِ سون ۽ چانديءَ سان سجايل اُٺڻيون موڪليون ويون. ساڳئي وقت مير عباس علي خان ۽ ٻين ميرن کي اڳواٽ سندن آجيان لاءِ روانو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر وڏي دٻدٻي ۽ ٺٺ ٺانگر سان ميرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي اسٽيمر تي چڙهي وڃي سکر نڪتو. ان وقت بکر جي قديم قلعي ۾ انگريز فوج جي وڏي ڇانوڻي قائم هئي. 20 ميل اولهه اتر طرف شڪارپور ۾ به انگريزن جا فوجي دستا ترسيل هئا. نيپئر مڪمل طرح فوجي ڪنٽرول سنڀالي، ٽالپرن جي خبر ورتي. هن جيمس آئوٽرام سان صلاح مصلحت ڪري، گورنر جنرل جي منظوريءَ سان خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن کي هڪ سخت قسم جي عهدنامي ڪرڻ جو چيو. ان کان اڳ ميرن سان ٿيل عهدنامي مطابق ڪراچي، بکر ۽ شڪارپور جا علائقا مير حڪمرانن جي هٿ مان نڪري چڪا هئا. هِن عهدنامي مطابق ٽالپرن تي زور ڀريو ويو ته اهي انگريز فوج جي چرپر لاءِ وڏي رقم، کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ مهيا ڪري ڏين. اهڙي عهدنامي سان سنڌو درياهه واري رسد انگريزن جي قبضي ۾ پئي آئي ۽ ٽالپر حڪمرانن کي درياهه جي ٻنهي طرفن کان ڪچي جي زمين، ٻيلن ۽ محصول اوڳاڙڻ جي حق تان دستبردار ٿيڻو پئي پيو. جڏهن ميجر جنرل آئوٽرام ان قسم جو عهدنامو آڻي ميرن اڳيان رکيو ته سندن حوصلا خطا ٿي ويا. خيرپور جي پوڙهي مير رستم خان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد ۾ اڻبڻت پيدا ٿي پئي. اهڙيءَ طرح چارلس نيپئر خيرپور جي والي مير رستم خان تي دٻاءُ وڌو ته هو ڪوٽڏجيءَ جي قلعي مان نڪري وڃي ٿر ۾ امام ڳڙهه واري قلعي ۾ لڪو. نيپئر 6 جنوري 1843ع تي 350 پيادا ۽ اٺ توڙي گھوڙي سوار دستا ساڻ ڪري سندس پويان پيو. هن انگريزي فوج سان 80 ميلن جي جھنگ ۽ واريءَ جو سفر ستن ڏينهن ۾ طئي ڪري، اچي امام ڳڙهه قلعي وٽ پهتو. ان وچ ۾ مير رستم خان قلعو خالي ڪري نڪري چڪو هو ۽ اچي حيدرآباد جي ميرن وٽ فريادي ٿيو. 16 جنوري تي نيپئر امام ڳڙهه قلعي کي مسمار ڪري واپس خيرپور موٽي ويو. ميجر جنرل آئوٽرام کي هدايت ڪئي وئي ته هو ڪنهن به حالت ۾ ميرن کان نئين ٺاهه تي صحيحون ڪرائي وٺي. انهيءَ مقصد لاءِ آئوٽرام 16 جنوريءَ تي ڪوٽڏيجيءَ پهتو. 25 جنوريءَ تائين ميرن ۽ سندن وڪيلن جو انتظار ڪيائين، پر سندن ڪا پهر نه موٽي. انهيءَ وچ ۾ حيدرآباد ۾ ميرن جي گھڻگھري ميجر آئوٽرام، چارلس نيپئر کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته هو خود حيدرآباد وڃي ٽالپر حڪمرانن سان ملاقات ڪري، کين ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ راضي ڪندو. ان لاءِ 8 فبروريءَ تي ميجر آئوٽرام حيدرآباد ريزيڊنسيءَ ۾ اچي لٿو ۽ ميرن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ لاڳيتو چار ڏينهن ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ ٽالپرن کي اهڙي عهدنامي لاءِ راضي ڪري ورتائين. اهڙيءَ ريت ميجر آئوٽرام بنا ڪنهن جنگ جي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي واپس خيرپور موٽي آيو. جيتوڻيڪ ٽالپر حڪمرانن خوف وچان اهڙي شڪست قبول ڪئي هئي، پر سنڌ جي ننڍن ميرن، بلوچ سردارن ۽ ڪجهه غيرتمند ۽ محب وطن سپاهين مفت ۾ پنهنجي ڌرتي ڏئي ڇڏڻ کان نابري واري ۽ انگريزن سان هر صورت ۾ جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون.
 
==جنگيون==
15 فبروري 1843ع تي سنڌ جي 8000 پيادن ۽ گھوڙيسوار سپاهين گدو لڳ انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو، جتي ميجر جنرل آئوٽرام هڪ سؤ سپاهين سان گڏ ترسيل هو. انگريزي فوجن جي مدد لاءِ هڪ آگبوٽ ’سيٽلائيٽ‘ به اچي پهتو. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز سپاهي خوب وڙهيا، پر آئوٽرام سميت سمورن انگريز سپاهين وٽ ڀڄڻ کان سواءِ ڪوبه رستو نه بچيو هو ۽ هُو ڀتيون ٽپي ڀڄڻ لڳا. ’ڪئپٽن ڪانوي‘ کي به ڀت ٽپي سپاهين سميت مٽيارين ڏانهن رُخ رکڻو پيو. هن جنگ ۾ ٽي انگريز سپاهي مئا ۽ ٻارهن ڌڪي ٿيا، جڏهن ته سٺ سنڌي سپاهي شهيد ۽ هڪ سؤ زخمي ٿي پيا هئا. اهڙيءَ صورتحال بعد چارلس نيپئر، خيرپور کان نڪري 6 فبروريءَ تي نوشهري فيروز؛ 11 فبروريءَ تي سڪرنڊ؛ 14 فبروريءَ تي سعيدآباد ۽ 16 فبروري 1843ع تي مٽياريءَ منزلون ڪندو اچي پهتو. هن جي ڪمانڊ هيٺ 2700 فوجي آفيسر ۽ سپاهي جنگ لاءِ تيار هئا. 16 فبروري 1843ع تي ميجر آئوٽرام ۽ ڀڳل سپاهي به مٽيارين وٽ اچي نيپئر سان مليا.