نوري سال: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{About|the astronomical structure|other uses}} {{Use mdy dates|date=February 2015}} {{Multiple image |direction=vertical |align=right |width=310|image1=NGC 4414 (NASA-med).jpg...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 15:03, 27 جُولاءِ 2016ع

سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the astronomical structure تي آهي. other uses نوري سال (سلجھائپ) ڏسو.

اسان جي عام پرک موجب بلب روشن ٿيندي ئي روشني جتي ڪٿي پهچيو وڃي، پر حقيقت ۾ روشنيءَ جي به هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل يا لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر آهي. اها روشني هڪ منٽ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ ڏينهن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي ۽ هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪندي، ان کي چئبو هڪ نوري سال پنڌ. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪندي اها آهي اسان جي کير پٽي يا کرائين واٽ يا مِلڪي وَيَ جي ڊيگهه آهي.

NGC 4414, a typical spiral galaxy in the constellation Coma Berenices, is about 55,000 light-years in diameter and approximately 60 million light-years away from Earth

اسين جيڪڏهن کير پٽي يا کيرائين واٽ (انگريزي ٻولي: Milky Way) کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي ته (1). مٿان يا هيٺان کان ڏسڻ مهل اهو جرڪيدار جليبي جهڙي ٿالهيءَ ۽ (2). پاسي کان ڏسڻ مهل چُهنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندو. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کيرائين واٽ يا کير پٽي ڪهڪشان جي ڊيگهه هڪ لک نُوري سال (انگريزي ٻولي: Light-year) آهي.

اسان جو سِچ منڊل يا سج سرشتو (نظام شمسي) اسان جي کيرائين واٽ جي وچ (سرائي) کان 30 لک نوري سالن جي مفاصلي تي آهي ۽ ان جي چوڌاري 170 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊوڙي (چڪر هڻي) رهيو آهي، تڏهن وڃي 2200 لک سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. [1][2][3]