ڪوالالمپور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 20:
1859ع ۾ ٽين جي خريداري ۽ وڪري لاءِ اتر کان ٻه وڏا چيني واپاري: هيو سيو ۽ آهه ذي ڪيليڊڪ هتي آيا. هيو سيو (Hiu-siew) ته تمام هوشيار حرفتي هو ۽ راجا عبدالله سان ايڏي دوستي ٿي ويس جو هن کيس ان وقت جي هن ننڍڙي ڳوٺڙي ڪوالالمپور جو وڏيرو مقر ڪيو ۽ “ڪئپٽن چينا” لقب ڏنو. هن جي رهبري ۽ راڄ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. 1862ع ۾ ڪئپٽن چينا جي مرڻ تي سندس جاءِ هڪ ٻئي چيني ليو نگم ڪانگ والاري ۽ ان کان پوءِ يپ آهه ٿيو. يپ آهه جي ڪئپٽن چينا ٿيڻ تي ڪافي مخالفت ٿي، جو هي ٻين چينين جي مقابلي ۾ ڌاريون هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ چين کان ملاڪا آيو هو ۽ 1854ع ۾ جڏنهن ملاڪا پهتو ته بنا پئسي ڪوڏيءَ جي سترهن سالن جو ڇوڪرو هو پر پوءِ حرفتن، اٽڪلن ۽ ڏاهپ جي ڪري چوڏنهن سالن اندر هڪ طاقتور عهديدار ٿي ويو هو.
 
ڪوالالمپور جي تواريخ ۾ سال 1890ع يادگار سال چيو وڃي ٿو, جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) جي بادشاهه ڪوالالمپور جو دورو ڪيو ۽ پهريون انگريزي اسڪول کليو. هن ئي سال سنيٽري بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو, جنهن جو ڪم شهر جي وڌندڙ حالتن کي ڌيان ۾ رکي ان موجب, صفائي، سٺائي ۽ روشنيءَ ڏي خيال ڏنو ويو. 1893ع ۾ سڀ کان وڏو انگريزي اسڪول Victoria institution کليو ۽ 1896ع ۾ ملايا جي ٻين رياستن جي گاديءَ جو هنڌ پڻ ڪوالالمپور ڪيو ويو. انهيءَ سال اپريل ۾ ائمپنگ ۾ پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي ٺاهي ويئي، جنهن مان پائيپن رستي ڪوالالمپور شهر جي گهرن کي پاڻي پهچائڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر جي وچ ۾ جيڪو پودو جيل آهي، اهو پڻ ان سال ٺهي راس ٿيو هو. ان جي ٺهڻ تي انهن ڏينهن ۾ سوا ٽي لک ڊالر خرچ آيو هو ۽ ان ۾ پنج سئو ويهه قيدين جي رهائش رکي ويئي. ملائيشيا جي انگريزي اخبار ملئي ميل (Malay Mail) پهرين روزاني اخبار هئي، جيڪا 1896ع ۾ ڪوالالمپور مان جاري ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. هن اخبار جو شروعات ۾ رڳو ٻه سئو ڪاپيون روز نڪرنديون هيون. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23</ref>
 
ڪوالالمپور ۾ ريلوي اسٽيشن ٺهڻ بعد سگهو ئي ريڊيو اسٽيشن به ٺهي ۽ 1929ع کان ريڊيو ڪم شروع ڪيو. ٻي وڏي لڙائيءَ جو اثر هن شهر تي، 1941ع ۾، ڪرسمس وارن ڏينهن ۾ ٿيو. بمباري بعد جنوري 1942ع ڌاري جپانين سڄي شهر تي قبضو ڪري ورتو. جپانين جي ملائيشيا تي چار سال کن حڪومت رهي. ان بعد تيرهين سيپٽمبر 1945ع تي جپانين انگريزن اڳيان آڻ مڃي.
 
ڪوالالمپور ۾ هڪ وڏي باهه 1956ع ۾ گومباڪ ندي ۽ باتو روڊ (هاڻوڪو جالان تنڪو عبدرالرحمان) جي وچ ۾ لڳي هئي جنهن ۾ هزارين بي گهر ٿي ويا هئا.
 
1956ع ۾ ڊيوڪ آف ايڊنبرو مليا (ملائيشيا) گهمڻ دوران ٻه ڏينهن ڪوالالمپور ۾ پڻ رهيو. 31_آگسٽ 1957ع تي ملايا کي انگريزن طرفان آزادي ڏني ويئي ۽ ان جو جشن پڻ ڪوالالمپور جي مرديڪا اسٽيڊيم ۾ چاليهه ملڪن جي نمائندگي اڳيان ٿيو. تنڪو عبدرالحمان پهريون پرائيم منسٽر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال کان ڪوالالمپور ۾ “ملايا يونيورسٽي” پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سئو سال کن اڳ جو ننڍڙو ڪچو ڳوٺ اڄ دنيا جي ماڊرن ۽ سهڻين شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. منجهس ڪيترن ذاتين، قومن، مذهبن، زبانن۽ رنگن جا ماڻهو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهن ٿا. <ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23</ref>
 
{{حوالا}}